Book Name:Qabron Ke Androni Halat
جنازي ۾ شريڪ ٿياسين. تدفين جي وقت پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم قبر جي ڪناري تي تشريف فرما ٿيا ۽ زارو قطار روئڻ لڳا، پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ايترو رُنا جو قبر جي مٽي آلي ٿي وئي، پوءِ فرمايائون: لِمِثْلِ هٰذَا فَاَعِدُّوْا يعني هن جي لاءِ تياري ڪريو...!([1])
نیکیاں کر جلد تُو بدیوں سے بھاگ قبر میں ورنہ بھڑک اُٹھے گی آگ
پيارا اسلامي ڀائرو! هيءَ واقعي حقيقت آهي ته، اسان جي ذهنن ۾ گهڻائي منصوبا (Plans) هوندا، اسان جي دلين ۾ ڪيترائي خواب هوندا، اسان روزانو پنهنجي مستقبل جي لاءِ گهڻو ڪجهه سوچيندا آهيون، ڪيترائي نوان نوان منصوبا ٺاهيندا آهيون پر اصل حقيقت (Reality) اها آهي ته ...!! جڏهن مَلڪُ الموت (يعني موت جو فرشتو) حضرت عزرائيل عَلَیْهِ السَّلَام تشريف کڻي ايندو، ته ان کان پوءِ ڪو مَنْصوبو، ڪو خواب باقي نه رهندو، تڏهن صرف هڪ ئي شيءِ باقي رهندي ۽ اهي اسان جا عمل آهن. تنهنڪري اسان کي هن دُنيا ۾ اڳتي هلي ڇا ڪرڻو آهي، سٺو گھر، سٺي گاڏي، سٺو ڪاروبار، اهو سڀ ڪجهه اسان جي مستقبل جي سوچ آهي پر اسان جو عمل اسان جي اڄ جي ذميداري (Responsibility) آهي. اسان پنهنجي دُنياوي مستقبل تائين پهچي سگهون ٿا يا نه، ان جي ڪنهن کي به خبر نه آهي، پر اسان قبر ۾ ضرور وينداسين، پنهنجا عمل ساڻ کڻي وينداسين، اهو هر مسلمان ڄاڻي ٿو. تنهنڪري ضروري آهي ته اسان اڄ کان بلڪه هاڻي کان ئي پنهنجن عملن جي باري ۾ فڪر ڪرڻ شروع ڪيون.
هڪ ڀيرو حضرت عثمان بن ابو عاص رَضِیَ اللهُ عَنْہُ ڪنهن جنازي سان گڏ قبرستان تشريف وٺي ويا، انهن سان گڏ هڪ نوجوان به هو، ان نوجوان تي ڪجهه غفلت طاري هئي. تنهنڪري جيڪا قبر ميّت لاءِ تيار ڪئي وئي هئي، حضرت عثمان بن ابو عاص رَضِیَ اللهُ عَنْہُ ان قبر ڏانهن اشارو ڪري ان نوجوان کي فرمايو: پنهنجي گھر ۾ جهاتي پائي ڏِسُ! نوجوان قبر ۾ جهاتي پائي ڏٺو. پاڻ رَضِیَ اللهُ عَنْہُ پڇيو: ڇا