Qabron Ke Androni Halat

Book Name:Qabron Ke Androni Halat

انهن ماڻهن جو عذاب آهي جيڪي مسلمانن جي وچ ۾ فساد پکيڙيندا هئا ۽ چغل خوري ڪندا هئا، انهن کي به هي عذاب مسلسل ٿيندو رهندو ايسيتائين جو جهنم ۾ داخل ڪيا ويندا ۽ اهو (ٽيون شخص) جنهن کي نهر مان نڪرڻ جي ڪوشش تي پٿر هنيا پئي ويا، اهو وياج خور آهي، ان کي به جهنم ۾ وڃڻ تائين اهو عذاب ٿيندو رهندو ۽ اهو (چوٿون منظر جتي توهان بي لباس ماڻهن کي ڏٺو) اهي بي لباس ماڻهو بدڪار هئا ۽ جيڪا بدبو اچي رهي هئي سا انهن جي شرمگاهن جي هئي، انهن کي به جهنم ۾ داخل ٿيڻ تائين اهو عذاب ڏنو ويندو ۽ (پنجين منظر ۾) جيڪي پاڳل ماڻهو توهان ڏٺا، اهي قومِ لُوط جهڙو گندو ڪم ڪرڻ وارا ۽ ڪرائڻ وارا هئا، اهي به جهنم ۾ اڇليا وڃڻ تائين هن عذاب ۾ گرفتار رهندا ۽ (ڇهين مقام تي اهو) باهه سان ڀريل زمين جي اندر قيد خانو جهنم هو.([1]) 

 اللہُ اکبر ...!! پيارا اسلامي ڀائرو! اندازو لڳايو! هي عالَم برزَخ جا حالات آهن، هي انهن ماڻهن جا حالات آهن جيڪي اڄ قبرن جي اندر آهن، افسوس! ٻاهر کان خاموش نظر ايندڙ انهن قبرن ۾ ڏسو! ڪهڙا نه  خوفناڪ منظر لڪيل آهن. 

یاخدا میری مغفرت فرما           باغِ فِردوس مَرحَمَت فرما

تُو گناہوں کو کر مُعاف اللہ!       میری مقبول معذِرت فرما

مصطَفٰے کا وسیلہ توبہ پر        تُو عنایت مُداوَمَت فرما[2]

آقا ڪريم زارو قطار روئڻ لڳا ...!!

پيارا اسلامي ڀائرو! اڃان اسان زندهه آهيون، اڄ اسان وٽ وقت آهي، اسان توبهه ڪري پويان گُنَاهه معاف ڪرائي سگهون ٿا، نيڪ ڪم ڪري قبر کي روشن ڪرڻ جو انتظام ڪري سگهون ٿا، جيڪڏهن هيءَ ساهَه جي تَندُ ٽُٽي پئي، رُوح جسم مان ڪڍيو ويو ته پوءِ سِواءِ پڇتائڻ جي ڪجهه به هٿ نه ايندو. 

اِبْنِ ماجه شريف جي روايت آهي، حضرت بَرّاء بن عازِب رَضِیَ اللهُ عَنْہُ فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن اسان اللہ پاڪ جي رسول، رسولِ مقبول صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان گڏ هڪ


 

 



[1]...تاریخ دِمشق، جلد:19، صفحہ:451۔

[2] وسائلِ بخشش، صفحہ:75 ملتقطاً۔