Qabron Ke Androni Halat

Book Name:Qabron Ke Androni Halat

قبر میں آہ! گُھپ اندھیرا ہے       روشنی ہو پئے رضا یاربّ!

سانپ لِپٹیں نہ میرے لاشے سے  قبر میں کچھ نہ دے سزا یاربّ!

نورِ احمد سے قبر روشن ہو       وَحشَتِ قبر سے بچا یاربّ![1]

هڪ ڪفن چور جو عبرتناڪ بيان

روايت آهي ته هڪ ڀيري هڪ شخص حضرت حَسَن بصری رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي خِدمت ۾ حاضر ٿيو، هي شخص ڪفن چورائيندو هو، هن امام حَسَن بصري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي خدمت ۾ حاضر ٿي توبہه ڪئي ۽ پويان گُنَاهه ڇڏڻ جو پڪو ارادو ڪيو. امام حسن بصري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه کانئس پڇيو: ڪفن چورائڻ دوران تون جيڪڏهن ڪا عبرتناڪ ڳالهه ڏٺي هجي ته ٻڌاءِ ...!! جنهن تي ان ڪفن چور ٽن قبرن جي اندروني حالتن جو بيان ڪيو، چيائين:

(1):  باهه جون زنجيرون

هڪ ڀيرو مون هڪ قبر کوٽي ته ان جي اندر هڪ دل ڏاريندڙ منظر ڏٺو. ڇا ٿو ڏسان ته مُردي جو منهن ڪارو آهي، هٿن ۽ پيرن ۾ باهه جون زنجيرون آهن ۽ سندس وات مان رت ۽ پونءِ جاري آهي. ان مان ايتري ته بدبو اچي رهي هئي جو دماغ ڦاٽي رهيو هو. اهڙو خوفناڪ مَنْظَر ڏسي مان خوف کان ڀڄڻ وارو ئي هئس ته مُردي ڳالهايو: ڇو ٿو ڀڄين؟ ويجهو اچ ...!! ۽ ٻڌ ته مون کي ڪهڙي گناهه جي سزا ملي رهي آهي! مان مُردي جي پڪار ٻڌي حيران ٿي بيهي رهيس ۽ سموري همٿ گڏ ڪري قبر جي ويجهو ويس ۽ جڏهن اندر نهاريو ته عذاب جا فِرشتا سندس ڳچيءَ ۾ باهه جون زنجيرون ٻڌي ويٺا هئا. مون مُردي کان پڇيو: تون ڪير آهين؟ هن جواب ڏنو: مان مسلمان ابنِ مسلمان آهيان پر افسوس! مان شرابي ۽ زاني هيس ۽ انهيءَ بدمستي جي حالت ۾ مري ويس، هاڻي عذاب ۾ گرفتار آهيان.

(2):   ڪارو مُردو

پنهنجو بيان جاري رکندي هن ڪفن چور وڌيڪ ٻڌايو: هڪ ٻئي موقعي تي جڏهن مون ڪفن چورائڻ جي ارادي سان قبر کوٽي ته هڪ ڪارو مُردو زبان ٻاهر


 

 



[1]وسائلِ بخشش، صفحہ:80۔