Book Name:Qabron Ke Androni Halat
حديث پاڪ ۾ آهي: اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالنِّیَّات عملن جو دارومدار نيتن تي آهي.([1])
اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي. اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا، مثال طور نيت ڪريو! * رضاءِ الٰهي جي لاءِ مڪمل بيان ٻڌندس * اَدَب سان ويهندس * بيان دوران سُستي کان بچندس * پنهنجي اِصلاح جي لاءِ بيان ٻُڌندس*جيڪو ٻُڌندس، اهو ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
صحابيءِ رسول حضرت حذيفه رَضِیَ اللهُ عَنْہُ فرمائن ٿا: هڪ ڀيري اسان محبوبِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان گڏ هڪ جنازي ۾ شريڪ ٿياسين. نمازِ جنازہ کان پوءِ جڏهن اسان قبر تي پهتاسين ته پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم قبر جي هڪ پاسي ويهي رهيا ۽ قبر کي بار بار ڏسڻ لڳا، پوءِ فرمايائون: هن ۾ مسلمان کي ائين دٻايو ويندو آهي جو ان جون پاسِيرِيون پنهنجي جڳهه تان هٽي وينديون آهن ۽ غير مسلم جي لاءِ اها دوزخ جي باهه سان ڀرجي ويندي آهي.([2])
پيارا اسلامي ڀائرو! مان، توهان، اسان آخرڪار فنا ٿيڻ وارا آهيون. اسان کي مرڻو به آهي ۽ قبر ۾ لهڻو به آهي. افسوس! قبر تمام خوفناڪ آهي، اڪيلائي، وحشت ۽ گهٻراهٽ جو گهر آهي. هتي دهشت ئي دهشت آهي. جيڪڏهن قبر جون ٻيون مشڪلاتون نه به هجن تڏهن به قبر جو دٻائڻ ئي ڊڄڻ لاءِ ڪافي آهي. حضرت ابو قاسم سعدي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه لکن ٿا: ڪو نيڪ هجي يا گنهگار...!! قبر جي دٻائڻ کان ڪو به نجات نه ٿو حاصل ڪري سگهي. پر! مسلمان ۽ غير مسلم ۾ فرق