Qabron Ke Androni Halat

Book Name:Qabron Ke Androni Halat

اهو آهي ته غير مسلم کي ته قبر دٻائيندي ئي رهندي آهي، جڏهن ته مسلمان کي قبر پنهنجي اندر پهچڻ وقت دٻائيندي آهي ۽ پوءِ ڇڏي ڏيندي آهي. وڌيڪ لکن ٿا: قبر جو  دٻائڻ  اهو  آهي ته  ان جا ٻئي ڪنارا  پاڻ  ۾  ملي  ويندا  آهن. ([1])

قبر جي دٻائڻ کان ڊڄي وڃو ...!!

الله اڪبر...!! پيارا اسلامي ڀائرو! ڪيتري قدر عبرت ۽ نصيحت جي ڳالهه آهي. قبر هر هڪ کي دٻائيندي آهي ۽ ان دٻائڻ جو مطلب ڇا آهي؟ ان جون ٻئي ديوارون پاڻ ۾ ملي وينديون آهن ۽ مُردو وچ ۾ چيڀاٽجي ويندو آهي. جيڪڏهن توهان سان ائين ٿيو هجي ته اوچتو اوهان جي آڱر دروازي ۾ اچي وئي هجي، ان سان ڪيتري سخت تڪليف ٿيندي آهي. مضبوط کان مضبوط ماڻهو جي به اوچتو دانهن نڪري ويندي آهي، ائين لڳندو آهي ڄڻ ڪنهن آڱر وڍي ڇڏي هجي. اها ته رڳو دروازي ۾ آڱر ڦاسڻ جي تڪليف آهي. هاڻي ان مان اندازو لڳايو! جڏهن اسان کي قبر ۾ رکيو ويندو، افسوس! اڃان هاڻي هاڻي موت جي تڪليف مان گذريا هونداسين * دنيا ڇڏڻ جو غم * رشتيدارن کان جدائي جو غم به تازو هوندو * اهڙي وحشت ۽ تنهائي * ۽ سخت ترين اونداهي به پهريون ڀيرو ڏٺي هوندي. اهڙي  خوفناڪ حالت ۾ * اوچتو قبر جون ڀتيون لڏڻ شروع ٿينديون * هڪ ٻئي جي ويجهو اچڻ شروع ٿينديون * ايسيتائين جو ٻئي ديوارون پاڻ ۾ ملي وينديون، ان وقت وچ ۾ جيڪو مُردو هوندو، سوچيو! سندس تڪليفن جو عالم ڇا هوندو...؟ افسوس! ٽڙاڪ ٽڙاڪ جو آواز ايندو ۽ پاسيريون ڀڄي ڪري هڪ ٻئي ۾ اندر گهڙي وينديون.

قبر روزانہ یہ کرتی ہے پکار         مجھ میں   ہیں   کیڑے مکوڑے بیشمار

میرے اندر تُو اکیلا آئے گا             ہاں   مگر اعمال لیتا آئے گا

گھپ اندھیری قبر میں   جب جائے گا   بے عمل!بے انتِہا گھبرائے گا

کر لے توبہ رب کی رحمت ہے بڑی قبر میں ورنہ سزا ہوگی کڑی

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!      صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد


 

 



[1]. شرح الصدور، باب ضمۃ القبر لکل احد، صفحہ:83۔