Qabron Ke Androni Halat

Book Name:Qabron Ke Androni Halat

ڏسي رهيو آهين؟ چيائين: هڪ تنگ ۽ اونداهو گھر آهي، جنهن ۾ نه کاڌو آهي، نه پاڻي آهي، نه ئي اهل و عيال، جڏهن ته منهنجي هن دُنياوي گھر ۾ کاڌو به آهي، پاڻي به آهي، اهل و عيال به آهي. حضرت عثمان رَضِیَ اللهُ عَنْہُ فرمايو: تون سچ چئي رهيو آهين. خدا جو قسم! جيڪڏهن اڄ تون واپس موٽي پنهنجي دنياوي گھر ڏانهن هليو به وڃين، تڏهن به توکي هڪ ڏينهن هن ئي تنگ ۽ اونداهي گھر ۾ اچڻو آهي (تنهنڪري بهتري ان ۾ آهي ته هاڻي کان ئي هن گھر جي لاءِ تياري شروع ڪري ڇڏ!) ([1])

قبر ۾ ڪم اچڻ وار اعمال

اي عاشقانِ رسول! اللہ پاڪ اسان کي نيڪ عملن جي توفيق نصيب فرمائي، بُرن عملن کان بچڻ نصيب ڪري، پنهنجي قبر جو فڪر اسان کي پاڻ کي ئي ڪرڻو پوندو، تنهنڪري بهتر آهي ته اسان اڄ کان بلڪه هاڻي کان ئي قبر کي سنوارڻ ۽ قبر کي روشن ڪرڻ جي تياري ۾ لڳي وڃون، ڪجهه ڪم جيڪي قبر ۾ ڪم اچڻ وارا آهن، عرض ڪريان ٿو، ٻڌو! 

عقيدو درست رکو!

پهريون ڪم:  اهو آهي ته پنهنجو عقيدو درست رکو ۽ هميشه ان تي مضبوطيءَ سان قائِم رھو! ڇاڪاڻ ته قبر ۾ اصل امتحان عقيدي جو ئي آهي. نماز، روزو، حج ۽ زڪوات وغيره جو حساب به ٿيندو پر قيامت جي ڏينهن، قبر ۾ 3 سوال پڇيا ويندا: (1): تنهنجو رَبُ ڪير آهي؟ (2): تنهنجو دِين ڪهڙو آهي؟ (3): تون هن هستي (يعني آخري نبي، مُحَمَّدِ عربي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) بابت ڇا چوندو هئين؟ 

اهي ٽئي سوال عقيدي جي باري ۾ آهن. تنهنڪري هميشه پنهنجو عقيدو مضبوط رکو! اللہ پاڪ بجي باري ۾، آخري نبي، مُحَمَّدِ عربي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جي باري ۾، اللہ پاڪ جي ڪتابن، الله پاڪ جي رسولن متعلق ، فرشتن جي متعلق، صحابهءِ ڪِرام، اہلِ بيتِ اطہار رَضِیَ اللهُ عَنْہم جي متعلق هميشه اهو ئي عقيدو رکو! جيڪو صدين کان عاشقانِ رسول علماءِ ڪرام جو عقيدو رهيو آهي. 


 

 



[1]...الزہد لاحمد بن حنبل، اخبار عبد اللہ بن عمر، صفحہ:255، حدیث:1137بتغیر ۔