Book Name:Qabron Ke Androni Halat
قبر ۾ ڪم اچڻ وارا ڪجهه وڌيڪ اعمال
پيارا اسلامي ڀائرو! * اهڙي طرح تلاوت ڪرڻ جي عادت اپنايو! خاص طور تي روزانو رات جو سورت مُلْڪ شريف لازمي پڙهندا ڪريو! حديث پاڪ ۾ هن مبارڪ سُورت کي عذابِ قبر کان بچائڻ واري سُورت فرمايو ويو آهي، 30 آيتون آهن، پنجن کان ڏهن منٽن ۾ آسانيءَ سان پڙهي ويندي آهي، جيڪي حافظِ قرآن آهن، اهي ته وڌيڪ آسانيءَ سان پڙهي سگهن ٿا، تنهنڪري روزانو رات جو گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو سُورت ملڪ شريف لازمي پڙهندا ڪريو! * پنج ئي نمازون وقت جي پابنديءَ سان باجماعت مسجد ۾ ادا ڪرڻ * زڪوات فرض هجي ته ادا ڪرڻ * روزا رکڻ ۽ * ماڻهن سان حُسنِ سلوڪ ڪرڻ به عذابِ قبر کان بچڻ جا سبب آهن. حضرت ابو ہريرہ رَضِیَ اللهُ عَنْہُ کان مروي آهي ته نبي غيب دان، رحمَتِ عالميان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: ان ذات جو قسم! جنهن جي قبضي ۾ منهنجي جان آهي! جڏهن مُردي کي قبر ۾ رکيو ويندو آهي ته هو واپس موٽي وڃڻ وارن جي چپلن جا آواز به ٻڌندو آهي، جيڪڏهن مومن هوندو ته نماز ان جي مٿي کان، زڪوات ساڄي پاسي کان، روزو کاٻي پاسي کان ۽ ٻيون نيڪيون، ڀلايون ۽ ماڻهن سان ڪيل حُسنِ سُلوڪ سندس پيرن جي پاسي کان اچي وڃن ٿا، جيڪڏهن مٿي جي طرف کان عذاب اچي ته نماز چوندي آهي: هتان تنهنجي لاءِ ڪا واٽ نه آهي. ساڄي (Right) پاسي کان اچي ته زڪوات چوندي آهي: منهنجي طرف کان به توکي رستو نه ملندو. کاٻي (Left) پاسي کان اچي ته روزو چوندو آهي: مان توکي هتان داخل ٿيڻ نه ڏيندس، پوءِ عذاب پيرن جي طرف کان ايندو ته ڀلايون، نيڪيون ۽ ماڻهن سان ڪيل حُسن سُلوڪ چوندا آهن: هتان کان به توکي ڪو رستو ملڻ وارو نه آهي.([1])
ہر عبادت سے بَرتر عبادت نَماز ساری دولت سے بڑھ کر ہے دولت نَماز
نارِ دوزخ سے بے شک بچائے گی یہ رَبّ سے دلوائے گی تم کو جنّت نَماز
اللہ پاڪ اسان کي نيڪيون ڪرڻ، گُنَاهن کان بچڻ، پنهنجا عقيدا هر وقت مضبوط رکڻ، بُرن عقيدن ۽ بُرا اعمال ڪرڻ وارن کان پري رهڻ جي توفيق نصيب