تَوَجُّہ اِلَی اللہ

Book Name:تَوَجُّہ اِلَی اللہ

حضرت يونس عَلَيه السَّلَام تي آزمائش آئي، پاڻ مڇي جي پيٽ ۾ هليا ويا هئا، پاڻ عَلَيه السَّلَام اتان الله پاڪ کي پڪاريو، الله پاڪ فرمايو:

فَاسۡتَجَبۡنَا لَہٗ ۙ وَ نَجَّیۡنٰہُ مِنَ الۡغَمِّ ؕ   وَ کَذٰلِکَ  نُــۨۡجِی الۡمُؤۡمِنِیۡنَ (۸۸)  (پارہ:17، سورۂ اَنْبِیَاء:88)

ترجمو ڪنزالعرفان: پوءِ اسان ان جي پڪار ٻُڌي ورتي ۽ ان کي غم کان نجات ڏني ۽ اسان ايمان وارن کي ايئن ئي نجات ڏيندا آهيون.

حضرت زڪريا عَلَيه السَّلَام وٽ اولاد نه هئي، پاڻ پوڙهائپ جي عمر تائين پهچي چڪا هئا، سندن گهر واري حضرت ايۡشاء رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡها به سنڍ ٿي ويون هيون، هن حالت ۾ حضرت زڪريا عَلَيه السَّلَام دعا ڪئي:

رَبِّ لَا تَذَرۡنِیۡ فَرۡدًا  وَّ  اَنۡتَ  خَیۡرُ  الۡوٰرِثِیۡنَ (ۚۖ۸۹)  (پارہ:17، سورۂ اَنْبِیَاء:89)

ترجموڪنزالعرفان: اي منهنجا رب! مون کي اڪيلو نه ڇڏ ۽ تون سڀ کان بهتر وارث آهين.

الله پاڪ فرمايو؛

فَاسۡتَجَبۡنَا لَہٗ ۫   وَ وَہَبۡنَا لَہٗ یَحۡیٰی وَ اَصۡلَحۡنَا لَہٗ  زَوۡجَہٗ ؕ  (پارہ:17، سورۂ اَنْبِیَاء:90)

ترجموڪنزالعرفان: پوءِ اسان ان جي دعا قبول ڪئي ۽ ان کي يحيٰ عطا فرمايو ۽ ان جي لاءِ ان جي گهر واري کي قابل بڻائي ڇڏيو.

سُبْحٰنَ اللہ! اي عاشقانِ رسول! هي انبياءِ ڪرام عَلَيهم السَّلَام آهن، سڀني کان بلند رتبي وارا آهن، انهن کي جڏهن به پريشاني ايندي هئي، مشڪل ايندي هئي،