Book Name:تَوَجُّہ اِلَی اللہ
بارگاھ ۾ دعا ڪئي، الله پاڪ فرمائي ٿو:
فَاسۡتَجَبۡنَا لَہٗ فَنَجَّیۡنٰہُ وَ اَہۡلَہٗ مِنَ الۡکَرۡبِ الۡعَظِیۡمِ (ۚ۷۶) (پارہ:17، سورۂ اَنْبِیَاء:76)
ترجمو ڪنزالعرفان: پوءِ اسان سندس دعا قبول فرمائي ۽ ان ۽ ان جي گهر وارن کي وڏي غم کان نجات ڏني.
حضرت نوح عَلَيه السَّلَام جي هن دعا جي نتيجي ۾ ڪافرن تي تمام وڏي سيلاب جو عذاب آيو ۽ انهن کي تباھ ۽ برباد ڪيو ويو.[1]
اهڙي طرح حضرت ايوب عَلَيه السَّلَام تي آزمائش آئي، سندن دعا ڪيائون:
اَنِّیۡ مَسَّنِیَ الضُّرُّ وَ اَنۡتَ اَرۡحَمُ الرّٰحِمِیۡنَ (ۚۖ۸۳) (پارہ:17، سورۂ اَنْبِیَاء:83)
ترجمو ڪنزالعرفان: بيشڪ مون کي تڪليف پهتي آهي ۽ تون سمورن رحم ڪرڻ وارن کان وڌيڪ رحم ڪرڻ وارو آهين
سندن دعا قبول ٿي، الله پاڪ فرمايو:
فَاسۡتَجَبۡنَا لَہٗ فَکَشَفۡنَا مَا بِہٖ مِنۡ ضُرٍّ وَّ اٰتَیۡنٰہُ اَہۡلَہٗ وَ مِثۡلَہُمۡ مَّعَہُمۡ رَحۡمَۃً مِّنۡ عِنۡدِنَا وَ ذِکۡرٰی لِلۡعٰبِدِیۡنَ (۸۴)
(پارہ:17، سورۂ اَنْبِیَاء:84)
ترجموڪنزالعرفان: پوءِ اسان ان جي دعا قبول ڪئي پوءِ جيڪا ان تي تڪليف هئي اها اسان ٽاري ڇڏي ۽ اسان پنهنجي طرفان مهرباني فرمائي ۽ عبادت گذارن کي نصيحت جي خاطر ايوب کي ان جا گهر وارا ۽ ان سان گڏ ايترائي ٻيا عطا ڪيا.