تَوَجُّہ اِلَی اللہ

Book Name:تَوَجُّہ اِلَی اللہ

اُن موقعي تي سيپاري: 28 سورت مجادله جون ابتدائي آيتون نازل ٿيون، الله پاڪ ارشاد فرمايو:

اَلَّذِیۡنَ یُظٰہِرُوۡنَ مِنۡکُمۡ مِّنۡ  نِّسَآئِہِمۡ مَّا ہُنَّ  اُمَّہٰتِہِمۡ ؕ   اِنۡ  اُمَّہٰتُہُمۡ  اِلَّا الِّٰٓیۡٔ وَلَدۡنَہُمۡ ؕ       وَ اِنَّہُمۡ  لَیَقُوۡلُوۡنَ مُنۡکَرًا مِّنَ الۡقَوۡلِ وَ زُوۡرًا ؕ       وَ اِنَّ اللّٰہَ لَعَفُوٌّ غَفُوۡرٌ (۲) وَ الَّذِیۡنَ یُظٰہِرُوۡنَ مِنۡ نِّسَآئِہِمۡ ثُمَّ یَعُوۡدُوۡنَ لِمَا قَالُوۡا فَتَحۡرِیۡرُ  رَقَبَۃٍ  مِّنۡ قَبۡلِ  اَنۡ یَّتَمَآسَّا ؕ ذٰلِکُمۡ تُوۡعَظُوۡنَ بِہٖ ؕ       وَ اللّٰہُ  بِمَا تَعۡمَلُوۡنَ  خَبِیۡرٌ (۳) فَمَنۡ  لَّمۡ یَجِدۡ فَصِیَامُ شَہۡرَیۡنِ مُتَتَابِعَیۡنِ مِنۡ قَبۡلِ اَنۡ یَّتَمَآسَّا ۚ       فَمَنۡ لَّمۡ  یَسۡتَطِعۡ  فَاِطۡعَامُ سِتِّیۡنَ مِسۡکِیۡنًا ؕ     ذٰلِکَ لِتُؤۡمِنُوۡا بِاللّٰہِ وَ رَسُوۡلِہٖ ؕ        وَ تِلۡکَ حُدُوۡدُ اللّٰہِ ؕ
وَ لِلۡکٰفِرِیۡنَ  عَذَابٌ  اَلِیۡمٌ (۴(پارہ:28، سورۂ مُجَادَلَہْ:2 تا 4)

ترجمو ڪنزالعرفان: توهان مان اهي ماڻهو جيڪي پنهنجين زالن کي پنهنجي ماءُ وانگر چئي ويهندا آهن اهي انهن جون مائرون ناهن، انهن جون مائرون ته اهي ئي آهن جن انهن کي ڄڻيو ۽ بيشڪ اهي ضرور ناپسنديده ۽ بالڪل ڪوڙي ڳالهه چون ٿا ۽ بيشڪ الله ضرور تمام گهڻو معاف ڪرڻ وارو، تمام گهڻو بخشڻ وارو آهي. ۽ جيڪي پنهنجي زالن کي پنهنجي ماءُ وانگر چون پوءِ پنهنجي چيل ڳالهه جو تدارڪ (تلافي) ڪرڻ چاهن ته (ان جو ڪفارو) زال مڙس جو هڪٻئي کي هٿ لڳائڻ کان پهريان هڪ غلام آزاد ڪرڻ آهي هي (اهو حڪم) آهي جنهن جي توهان کي نصيحت ڪئي ٿي وڃي ۽ الله توهان جي ڪمن کان خوب خبردار آهي. پوءِ جيڪو شخص (غلام) نه لهي ته زال مڙس جو هڪ ٻئي کي هٿ لڳائڻ کان اڳ لڳاتار ٻن مهينن جا روزا رکڻ (مڙس تي لازم آهي) پوءِ جيڪو (روزي جي) طاقت نه رکندو هجي ته سٺ مسڪينن کي کاڌو کارائڻ (لازم آهي) هي هن لاءِ جو توهان الله ۽ ان جي رسول تي ايمان رکو ۽ هي الله جون حدون آهن ۽ ڪافرن جي لاءِ دردناڪ عذاب آهي.