Book Name:تَوَجُّہ اِلَی اللہ
آهي، گهر واري پنهنجي مڙس تي حرام ٿي ويندي آهي. انهيءَ پريشاني جي عالم ۾ حضرت خوله بنت ثعلبه رَضِیَ اللهُ عَنْها بارگاھِ رسالت ۾ حاضر ٿيون، سڄو واقعو بيان ڪيو ۽ عرض ڪيو: يارسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ! منهنجو مال ختم ٿي چڪو آهي، ماءُ پيءُ وفات ڪري چڪا آهن، عمر به وڌي وئي آهي ۽ ننڍڙا ٻار آهن، جيڪڏهن انهن کي پيءُ وٽ ڇڏي وڃان ٿي ته ماءُ کان سواءِ پروش ڪيئن ٿي سگهندي ۽ پاڻ وٽ ٿي رکان ته بک مري ويندا، هاڻي اهڙي ڪا صورت آهي جو منهنجي ۽ منهنجي مڙس جي درميان جدائي نه ٿي.؟ رسول رحمت، شفيع اُمت صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ سڄو داستانِ حال ٻڌي ڪري فرمايو: تنهنجي مسئلي جي متعلق مون وٽ ڪو حڪم ناهي، يعني اڃا تائين ظهار جي متعلق ڪو نئون حڪم نازل ناهي ٿيو ۽ پراڻو دستور اهو ئي آهي ته ظهار کان عورت حرام ٿي ويندي آهي.
حضرت خوله رَضِیَ اللهُ عَنْها گهڻو پريشان هيون، دل ۾ غم جو سمنڊ ڀرجي آيو، ٻارن جي فڪر به تڙپائي رهي هئي، کين باربار بارگاھِ رسالت ۾ عرض ڪيو: يارسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ! منهنجي مڙس طلاق جو لفظ ناهي چيو، هُو منهنجي ٻارن جو پيءُ آهي(يارسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ! ڪا ته صورت ٻڌايو) پر رسول اڪرم، نور مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ هڪ ئي جواب ارشاد فرمائي رهيا هئا: اڃا تائين هن مسئلي جي متعلق ڪو حڪم نازل ناهي ٿيو.
باالآخر جڏهن انهن پنهنجي خواهش جي مطابق جواب نه لڌو ته دعا جي لاءِ هٿ کنيائين ۽ الله پاڪ جي بارگاھ ۾ عرض ڪيائين: اي الله پاڪ! منهنجي محتاجي، بي وسي ۽ پريشان حاليءَ تي رحم فرماءِ، پنهنجي محبوب تي منهنجي حق ۾ اهڙو حڪم نازل فرماءِ جنهن سان منهنجي مصيبت دور ٿي وڃي. اڃا حضرت خوله رَضِیَ اللهُ عَنْها بارگاھ الٰهي ۾ عرض ڪري رهيون هيون ته غمگين دل جي دُعا قبول ٿي ۽ حضرت جبرائيل امين وحي کڻي بارگاھِ رسالت ۾ حاضر ٿيو.[1]