Book Name:Mehfil e Milad Mustafa Ke Barakat

موسٰي عَلَيهِ السَّلَام جن به ڪئي هئي پر انهن 70 ماڻهن ديدارِ الاهي جي آرزو نه ڪئي، انهن ته سرڪشي ڪئي، ڌمڪي واري انداز ۾ حضرت موسٰي عَلَيهِ السَّلَام تي بي اعتباري ڪندي چيائون: اي موسٰي! اسان اوهان جي ڳالھ نه مڃينداسين بلڪه الله پاڪ کي پاڻ ڏسي ڪري ايمان آڻينداسين. هيءَ گستاخي هئي، بهرحال انهن جي هن گستاخي تي الله پاڪ جو قهر نازل ٿيو ۽ هي سڀ جا سڀ انهيءَ وقت مري ويا.

   انهن 70 ماڻهن کي مئل حالت ۾ ڏسي ڪري حضرت موسٰي عَلَيهِ السَّلَام کي خيال آيو ته هاڻي جيڪڏهن مان اڪيلو واپس ويندُس ته قوم مون تي الزام هڻندي ته معاذ الله! مون انهن 70 ماڻهن کي قتل ڪرائي ڇڏيو آهي. بهرحال پاڻ الله پاڪ جي بارگاھ ۾ دعا ڪيائون، جنهن جي برڪت سان الله پاڪ انهن 70 بني اسرائيل کي زندھ فرمائي ڇڏيو.([1])

 پيارا اسلامي ڀائرو! هن پوري واقعي مان خاص توجھ جي لائق جيڪا ڳالھ آهي، اها هيءَ آهي ته حضرت موسٰي عَلَيهِ السَّلَام ان موقعي تي دعا ۾ هي به عرض ڪيو:

وَ ارۡحَمۡنَا وَ  اَنۡتَ  خَیۡرُ  الۡغٰفِرِیۡنَ (۱۵۵)  (سيپارو: 9، سورة اعراب: آيت 155)

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ اسان تي رحم فرماءِ ۽ تون سڀني کان بهتر بخشڻ وارو آهين.

   حضرت موسٰي عَلَيهِ السَّلَام جي هن دعا جي جواب ۾ الله پاڪ جيڪو ڪجھ فرمايو، ان جو خلاصو هي آهي ته اي موسٰي! اسان جي رحمت 3 قِسمن جي آهي:

 (1): فرمايو:

وَ رَحۡمَتِیۡ وَسِعَتۡ کُلَّ شَیۡءٍ ؕ    (سيپارو: 9، سورة اعراف: آيت 156)

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ منهنجي رحمت هر شيءِ کي محيط آهي.


 

 



[1]... تفسیر نعیمی،پارہ:1، سورۂ بقرہ،تحت الآیۃ:55 ،جلد:1 ،صفحہ:397 و 398 ملتقطاً  و ماخوذاً ۔