Book Name:Mehfil e Milad Mustafa Ke Barakat

ميلاد ڇو چوندا آهيو؟ ان موقعي تي ذڪرِ مصطفٰي ڇو ڪندا آهيو؟

   اهڙي تنقيد ڪرڻ وارن جي خدمت ۾ هڪ سادو سوال آهي: حضرت موسٰي عَلَيهِ السَّلَام 70 ماڻهن کي وٺي ڪوھِ طور تي ويا، انهن 70 ماڻهن گستاخي ڪئي، انهن تي عذاب آيو، حضرت موسٰي عَلَيهِ السَّلَام رحمت جي دعا گهري، هاڻي ٻڌايو! هي ذڪرِ مصطفٰي جو ڪهڙو موقعو آهي؟ ان سڄي واقعي ۾ اهو ڪهڙو پهلو آهي جيڪو تقاضا ڪري ٿو ته ذڪرِ مصطفٰي به ڪيو وڃي؟ پر قربان وڃو! الله پاڪ کي پنهنجي محبوب (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ) سان محبت ئي ڪجھ اهڙي آهي، ڳالھ رحمت جي ٿي هئي، حضرت موسٰي عَلَيهِ السَّلَام پنهنجي امّت جي لاءِ رحمت گهري هئي، الله پاڪ پنهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ذڪر فرمائي ڇڏيو ۽ پوءِ ذڪر به ايئن نه جو صرف چئي ڇڏجي: اي موسٰي! خاصُ الخاص رحمت امّتِ مصطفٰي کي ملندي. نه! نه...!! ذڪر محبوب جو هجي ته ڳالھ مختصر ناهي ڪئي ويندي، محبوب جو ذڪر تفصيل سان ئي ڪيو ويندو آهي، الله پاڪ به پنهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ذڪر تفصيل سان ڪيو، هڪ، ٻه نه پورا 9 گُڻ بيان فرمايا، پوءِ محبوب جي غلامن جو شان بيان فرمايو.

  سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه! هن مان خبر پئي، محبوب جو ذڪر ڪرڻ جي لاءِ موقعي يا مهل کي ناهي ڏٺو ويندو بلڪه موقعا تلاش ڪيا ويندا آهن، ذڪر محبوب جي لاءِ پاڻ پهلو ڳولهيا ويندا آهن، ڳالھ ڳالھ تي ذڪرِ محبوب ڪيو ويندو آهي.

چار سُو ہیں کیا چھماچھم رحمتوں کی بارشیں             جھومتے ہیں ابرِباراں عیدِمیلادُالنَّبی

چار جانِب دُھوم ہے سرکار کے مِیلاد کی           جھومتا ہے ہر مسلماں عیدِمیلادُالنَّبی

عیدِمیلادُالنَّبی پر جو بھی کرتا ہے خوشی                اس پہ غُرّاتا ہے شیطاں عیدِمیلادُالنَّبی

ذڪرِ محبوب ۽ قرآن جو طريقو

   پيارا اسلامي ڀائرو! قرآنِ ڪريم جو تمام پيارو طريقو آهي ته قرآنِ ڪريم ۾ ڳالھ ڳالھ تي ذڪرِ مصطفٰي ڪيو ويو آهي، توهان کي ٻڌي ڪري خوشي