Book Name:Mehfil e Milad Mustafa Ke Barakat

ڪرائيندي آهي۔([1])        

  اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي۔ اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان ڪجھ سٺيون سٺيون نيتون ڪريون ٿا، مثال طور نيت ڪريو! * رضاءِ الٰهي جي لاءِ بيان ٻڌندس * بااَدَب ويهندس * خوب تَوَجُّھ سان بيان ٻُڌندس * جيڪو ٻڌندس، ان کي ياد رکڻ، پاڻ عمل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس۔

 جيڪو اسان سان خوش ٿيندو آهي، اسان به ان سان خوش ٿيندا آهيون

  علّامه اِبن جوزي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه لکن ٿا: هڪ ڀيري علّامه ابنِ نعمان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي قسمت چمڪي، کين خواب ۾ پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زيارت نصيب ٿي، پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪٿي تشريف کڻي وڃي رهيا هئا، علّامه ابن نعمان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: مون اڳتي وڌي ڪري پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پياري پياري هٿن کي چميو ۽ عرض ڪيو: يا رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪاڏي تشريف کڻي وڃي رهيا آهيو؟ فرمايائون: فلاڻي شخص سان ملڻ وڃي رهيو آهيان. مون عرض ڪيو: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! اوهان ايڏي بلند مرتبي وارا (محبوبِ خدا، امامُ الانبيا، ٻنهي جهانن جا آقا) آهيو، اوهان فلاڻي ماڻهوءَ سان ملڻ وڃي رهيا آهيو (يعني ان کي کپي ها ته هو اوهان سان ملڻ جي لاءِ حاضر ٿئي ها)؟ پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن جلال واري انداز ۾ فرمايو: اي ابنِ نعمان! ادب ڪر! اهو شخص اسان جو ميلاد ملهائيندو آهي.

   هي ٻڌي ڪري علّامه ابنِ نعمان ڪجھ خبردار ٿيا ۽ عرض ڪيو: اي قيامت جي ڏينهن شفاعت فرمائڻ وارا آقا (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ)! منهنجي جان اوهان تي فِدا ٿئي...!! ان جي ميلاد ملهائڻ جي سبب اوهان ان سان ايترو خوش آهيو؟ فرمايائون: اي ابنِ نعمان! جيڪو اسان سان خوش ٿيندو آهي، اسان به ان سان


 

 



[1]...مسند فِرْدَوس، جلد:4، صفحہ:305، حدیث:6895۔