Book Name:Mehfil e Milad Mustafa Ke Barakat

صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي هٿ مبارڪ تي ايمان آڻي چڪو آهيان.([1])

آمدِ سرکار سے ظلمت ہوئی کافور ہے           کیا زمیں ، کیا آسماں ، ہر سَمْت چھایا نور ہے ([2])

جشنِ ولادت ملهائڻ جا 12 مدني گُلَ

اميرِ اهل سنت، حضرتِ علامه مولانا محمد الياس عطّارقادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ فرمائن ٿا: (1): جشنِ ولادت جي خوشيءَ ۾ مسجدن، گهرن، دڪانن، سوارين تي ۽ پنهنجي پاڙي ۾ مدني جهنڊو هڻو * خوب چراغان ڪيو * پنهنجي گهر ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻارهن بلبَ ته ضرور روشن ڪيو * ربيعُ الاول شريف جي ٻارهين جي رات ثواب جي نيّت سان ميلاد شريف جي اجتماع ۾ شرڪت ڪيو * ۽ صبح صادق جي وقت سبز سبز جهنڊو کڻي درود ۽ سلام پڙهندي اشڪبار اکين سان صبحِ بهاران جو استقبال ڪيو * 12 ربيعُ الاول شريف جي ڏينهن ٿي سگهي ته روزو رکو جو اسان جا پيارا آقا مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سومر شريف جو روزو رکي ڪري پنهنجي ولادت جو ڏهاڙو ملهائيندا هئا.([3]) (2) ڪعبةُ الله شريف جي نقشي  (Model) ۾ معاذَ الله ڪٿي ڪٿي گڏين جو طواف ڏيکاريو ويندو آهي، هي گناھ آهي. جهالت واري زماني ۾ ڪعبةُ الله شريف ۾ 360 بت رکيل هئا، پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فتحِ مڪه کان بعد ڪعبي شريف کي بتن کان پاڪ فرمائي ڇڏيو لهٰذا نقشي ۾ به  بتَ (گڏيون) نه هجڻ گهرجن، ان جي جڳھ تي پلاسٽڪ جا گلَ رکي سگهجن ٿا. (طوافِ ڪعبه جي منظر جي تصوير جنهن ۾ چهرا واضح نظر نه ٿا اچن ان کي مسجد يا گهر وغيره ۾ لڳائڻ جائز آهي، ها جنهن تصوير کي زمين تي رکي ڪري بيٺي بيٺي ڏسڻ سان چهرو واضح نظر اچي ان جو لڳائڻ ناجائز ۽ گناھ آهي) (3): اهڙا


 

 



[1] .. تذکِرۃُ الْواعِظِین،  صفحہ:598 و 600  بتغیر قلیل  ۔

[2] ... وسائلِ بخشش،  صفحہ:483  ۔

[3] ... مسلم،کتاب الصیام، باب استحباب صیام ثلاثۃ ،صفحہ:423،حدیث:1162 ماخوذاً  ۔