Book Name:Mehfil e Milad Mustafa Ke Barakat

ظاهر ۽ باطن پڻ سجائڻ جي ڪوشش ڪنداسين ۽ جهومي جهومي ڪري آمدِ مصطفٰي جا نعرا به لڳائينداسين.

منائیں گے خوشی ہم حَشْر تک جشنِ ولادت کی      سجاوٹ اور کرنا روشنی ہر گز نہ چھوڑیں گے

اگرچہ جان بھی اس راہ میں قربان ہوجائے         مگر نَعْتِ نبی پڑھنا کبھی ہر گز نہ چھوڑیں گے

نبی کے نام پر سو جان سے قربان ہوجائیں         غلامانِ نبی ذکرِ نبی ہرگز نہ چھوڑیں گے  ([1])

حُضُور کی آمد!           مرحبا!                 غَیُّور کی آمد!            مرحبا!

پُرنور کی آمد!           مرحبا!                 داتا کی آمد!            مرحبا!

مولیٰ کی آمد!            مرحبا!                 پیارے کی آمد!        مرحبا!

گهر گهر ميلاد جي محفل سجايو!

   اي عاشقانِ رسول! اسان جا آقا ۽ مولا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ميلاد پاڪ آهي، هر گهر سجايو! گهٽيون به سجايو! خوب ڌومون مچايو! الحمد لله! عام طور عاشقانِ رسول جي تقريباً هر مسجد ۾ محفلِ ميلاد ٿيندي آهي، ان سان گڏوگڏ ڪوشش ڪريو ته ڪو امير هجي يا غريب هر عاشقِ رسول پنهنجي گهر ۾ به محفلِ ميلاد جو اهتمام ڪري. جنهن کي الله پاڪ استطاعت ڏني آهي، اُهو ڀلي وڏي محفلِ پاڪ جو اهتمام ڪري ۽ جيڪي غريب آهن، اهي به پنهنجي استطاعت مطابق گهر ۾ محفلِ پاڪ جو اهتمام ڪن، توڙي جو مختصر پروگرام ڪري وٺن پر محفلِ ميلاد لازمي سجائن. ڪا مشڪل نه آهي، پنهنجي گهر ۾ جتي سهولت هجي پردي جي اهتمام سان جڳھ خاص ڪريو! پاڙي وارا گهڻا نه 8، 10 اسلامي ڀائرن کي دعوت ڏئي وٺو! پاڙي واري مسجد جي عاشقِ رسول امام صاحب جي خدمت ۾ عرض ڪريو! اِنْ شَآءَ اللہ الْکَریْم! هُو  ذڪرِ محبوب جي لاءِ منع نه


 

 



[1] ...وسائل بخشش،صفحہ:414-415۔