Book Name:Mehfil e Milad Mustafa Ke Barakat

ميلادِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي هڪ اهم برڪت

  پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ ڪلھ جيڪو ماحول آهي، اسلام جا دشمن پوري طاقت سان اسلام کي مٽائڻ ۽ دلين مان عشقِ رسول جي شمع وسائڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهن، اهڙي صورتحال ۾ خوب جوش ۽ جذبي سان ميلاد شريف ملهائڻ وڌيڪ اهميت رکي ٿو ته ميلادِ مصطفٰي ملهائڻ سان هڪ ته دلين ۾ محبتِ رسول وڌندي آهي، ٻيو هي ته ميلادِ مصطفٰي جي برڪت سان ڪافرن تائين هي پيغام ويندو آهي ته مسلمان اَڄُ به پنهنجي آقا ۽ موليٰ، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان بي پناھ محبت ڪن ٿا، جيڪي ميلاد جون محفلون سجائڻ ۽ گهر، گهٽيون، پاڙو سجائڻ جي لاءِ لکين ڪروڙين رپيا خرچ ڪري سگهن ٿا، اهي مصطفٰي جي نالي تي تَن، مَن، ڌَن لٽائڻ کان هرگز پوئتي نه هٽندا، ايئن مسلمانن جي اسلام ۽ پيغمبرِ اسلام سان محبت جو اظهار ٿيندو آهي بلڪه ڪڏهن ڪڏهن ته جشنِ ولادت جو ڪافرن جي دلين تي اهڙو اثر ٿيندو آهي جو هُو ڪلمو پڙهي ڪري مسلمان ٿي ويندا آهن.

غير مسلمن کي ايمان جي دولت ملي وئي

   حضرت عبد الواحد بن اسماعيل رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: مصر ۾ هڪ عاشقِ رسول رهندو هو، ربيعُ الاول شريف ۾ الله پاڪ جي پياري محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو خوب جشنِ ولادت ملهائيندو هو هڪ ڀيري ربيعُ الاول شريف جي مهيني ۾ سندس پاڙيسري يهودياڻيءَ پنهنجي مڙس کان پڇيو ته اسان جو مسلمان پاڙيسري هن مهيني ۾ هر سال خصوصي دعوت وغيره جو اهتمام ڇو ڪندو آهي؟ يهوديءَ ٻڌايو ته هن مهيني ۾ ان جي نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ولادت ٿي هئي تنهنڪري هي سندن جشنِ ولادت ملهائيندو آهي ۽ مسلمان هن مهيني جي ڏاڍي تعظيم ڪندا آهن. ان تي يهودياڻيءَ چيو: واھ! مسلمانن جو طريقو به ڏاڍو پيارو آهي جو هي پنهنجي نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو هر سال جشنِ ولادت