Book Name:Mehfil e Milad Mustafa Ke Barakat

ڪندا، مختصر تلاوت هجي، هڪ، ٻه نعتون پڙهي وٺو! امام صاحب 15، 20 منٽن جو بيان ڪن، جيڪڏهن امام صاحب يا ڪنهن عاشقِ رسول مبلغ جي ترڪيب نه به بڻجي سگهي تڏهن به مشڪل نه آهي، اميرِ اهل سنت، حضرتِ علامه مولانا محمد الياس عطّارقادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو رسالو آهي: صبحِ بهاران، اهڙيءَ طرح مڪتبة المدينه جا ٻيا به ڪيئي رسالا آهن جهڙوڪ سياھ فام غلام، بهيانڪ اُٺ، پوڙهو پينو، نور وارو چهرو، نور جو رانديڪو، عاشقِ ميلاد بادشاھ انهن مان ڪو به رسالو يا شانِ مصطفٰي تي 12 بيانن وارو مختصر ڪتاب حاصل ڪريو! يا دعوت اسلامي جي ويب سائٽ  www.dawateislami.net تان مفت ڊاؤن لوڊ ڪري وٺو! پاڻ ئي پڙهي ڪري ٻڌايو! بيان ٿي ويندو، آخر ۾ پنهنجي استطاعت جي مطابق کيرڻي وغيره ورهائي وٺو! جيڪڏهن کيرڻي وغيره به ميسّر نه هجي ته ڪا ڳالھ ناهي، جيڪو هجي، اهو ئي سهي، ميلاد ملهائڻ جي لاءِ لنگر يا کيرڻي وغيره ضروري به ناهي، الله پاڪ جي بارگاھ ۾ پئسا ۽ اهتمام نه بلڪه دل جو اخلاص قبول ٿيندو آهي. تنهنڪري الله پاڪ جيڪا توفيق بخشي آهي، محفل ۾ شريڪ ٿيڻ وارن  جي خدمت ۾ پيش ڪري ڇڏيو! اِنْ شَآءَ اللہ الْکَریْم! سڄو سال گهر ۾ برڪت رهندي.

ميلاد ملهائڻ به تعظيمِ مصطفي ۾ شامل آهي

سيپارو: 26 سورة فتح، آيت: 8 ۽ 9 ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو:

اِنَّاۤ اَرْسَلْنٰكَ شَاهِدًا وَّ مُبَشِّرًا وَّ نَذِیْرًاۙ(۸) لِّتُؤْمِنُوْا بِاللّٰهِ وَ رَسُوْلِهٖ وَ تُعَزِّرُوْهُ وَ تُوَقِّرُوْهُؕ-وَ تُسَبِّحُوْهُ بُكْرَةً وَّ اَصِیْلًا(۹)

(پارہ:26،سورۂ فتح:8 - 9)

ترجموڪنزالعرفان:  بيشڪ اسان توهان کي گواھ ۽ خوشخبري ڏيڻ وارو ۽ ڊيڄاريندڙ بڻائي ڪري موڪليو ته جيئن (اي انسانو!) توهان الله ۽ ان جي رسول تي ايمان آڻيو ۽ رسول جي تعظيم ۽ توقير ڪريو ۽ صبح ۽ شام الله پاڪ جي پاڪائي بيان ڪريو