Book Name:Mehfil e Milad Mustafa Ke Barakat

تي براءِ راست (Live) مدني مذاڪرو فرمائيندا آهن، جنهن ۾ بيشمار عاشقانِ  رسول عالمي مدني مرڪز فيضانِ مدينه (ڪراچي) حاضر ٿي ڪري علمِ دين جون برڪتون حاصل ڪندا آهن. هزارين عاشقانِ رسول پنهنجي شهرن/ علائقن ۾ اجتماعي طور تي مدني مذاڪرو ڏسڻ جو اهتمام ڪندا آهن ۽ مدني چينل، سوشل ميڊيا (مثال طور يوٽيوب، فيس بُڪ وغيره) جي ذريعي ته دنيا ڀر ۾ بيشمار جاين تي ڏٺو وڃي رهيو هوندو آهي، ان مدني مذاڪرن ۾ شرڪت ڪرڻ وارن عاشقانِ رسول کي ڪهڙيون ڪهڙيون برڪتون حاصل ٿينديون آهن، اچو هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا:

علم ۽ حڪمت ڀريو مدني مذاڪرو

   واھ ڪينٽ (ضلع راولپنڊي) جي هڪ نوجون جو بيان آهي: نمازون قضا ڪرڻ، فلمون ڏسي ڪري شيطان کي خوش ڪرڻ ۽ ڳائڻ وڄائڻ وغيره ٻڌي ڪري مست رهڻ منهنجو معمول هو، آھ! مان سنّتن تي عمل ڪرڻ کان محروم هيس، منهنجي گناھن ڀري زندگيءَ ۾ بهار ايئن آئي جو هڪ ڏينهن هڪ مبلغ دعوتِ اسلامي سان منهنجي ملاقات ٿي وئي. ان مون کي سمجهائيندي اجتماعي سنّت اعتڪاف جو ذهن ڏنو، ان جي پياري انداز ۾ ڏنل نيڪي جي دعوت منهنجي دل تي اثر ڪري وئي ۽ مان اجتماعي اعتڪاف ۾ شريڪ ٿي ويس، هاڻي منهنجا رات ڏينهن عبادت ۾ گذرڻ لڳا، پُرسوز بيانن ۽ رقت انگيز دعائن منهنجي دل جي دنيا ئي تبديل ڪري ڇڏي، ڪرم مٿان ڪرم هي ٿيو جو اجتماعي اعتڪاف ۾ اميرِ اهلِ سنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو مدني مذاڪرو ٻڌڻ جي سعادت ملي، سندن پُر اثر ملفوظات سان مان ايتري قدر متاثر ٿيس جو مون فوراً پنهنجي گذريل گناهن کان توبھ ڪئي ۽ نمازن جي پابندي جو عزم ڪري ورتو، اميرِ اهلِ سنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي ترغيب ڏيارڻ تي چنڊ جي رات جو گهر وڃڻ بدران راھِ خدا جو مسافر بڻجي ويس جتي علمِ دين جي سنهري موتين