Book Name:Mehfil e Milad Mustafa Ke Barakat

هن آيتِ ڪريمه ۾ الله پاڪ اسان مسلمانن کي رسولِ اڪرم، نورِ مجسّمصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خوب تعظيم ۽ توقير جو حڪم ڏنو آهي، علّامه اسماعيل حقي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ميلاد جي محفل سجائڻ به پاڻ جي تعظيم ۽ توقير ۾ شامل آهي.([1])

ذکرِ میلادِ مبارَک کیسے چھوڑیں ہم بھلا              جن کا کھاتے ہیں اُنہی کے گیت گاتے جائیں گے

مُنْعَقِد کرتے رہیں گے اجتماعِ ذکرونعت          دھوم اُن کی نعت خوانی کی مچاتے جائیں گے

جشنِ ولادت ملهائڻ جو ثواب

   شيخ عبد الحق محدث دهلوي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ولادت جي رات خوشي ملهائڻ وارن جي جزا هي آهي ته الله پاڪ انهن کي پنهنجي فضل ۽ ڪرم سان جنّاتُ النّعيم ۾ داخل فرمائيندو * مسلمان هميشه  محفلِ ميلاد سجائيندا، ولادت جي خوشي ۾ دعوتون ڏيندا، کاڌا پچائيندا ۽ خوب صدقو ۽ خيرات ڏيندا آيا آهن * ولادتِ مصطفٰي جي موقعي تي خوب خوشي جو اظهار ڪيو ويندو آهي * راھِ خدا ۾ دل کولي خرچ ڪيو ويندو آهي * پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ولادتِ باسعادت جي ذڪر جو اهتمام ڪيو ويندو آهي * گهرن کي سجايو ويندو آهي * انهن تمام چڱن ڪمن جي برڪت سان مسلمانن تي الله پاڪ جي رحمتن جو نزول ٿيندو آهي. ([2])

الله پاڪ فخر فرمائيندو آهي

   اسلام جو پهريون بادشاھ، اميرِ سلطنتِ مصطفٰي، عظيم صحابيءِ رسول حضرت اميرِ معاويه رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائي ٿو: هڪ ڀيري صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم حلقو ٺاهي ويٺا هئا ته سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تشريف کڻي آيا، پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پڇيو: مَا اَجْلَسَکُمْ؟ يعني اي منهنجا صحابه! توهان هتي


 

 



[1] ...تفسیر روح البیان، پارہ:26، سورۂ فتح، تحت الآیۃ:29، جلد:9، صفحہ:56۔

[2] ...ما ثبت من السنۃ، صفحہ:102  ملتقطاً۔