Book Name:Mehfil e Milad Mustafa Ke Barakat

ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو.([1])

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!            جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

وليمو (شاديءَ جي دعوت) ڪرڻ سنّتِ مصطفٰي آهي

2 فرامينِ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: (1): وليمو ڪيو توڙي جو هڪ ٻڪريءَ سان ئي هجي([2](2): برو کاڌو ان وليمي جو آهي جنهن ۾ مالدار گهرايا  وڃن ۽ غريب ڇڏيا وڃن.([3])

   اي عاشقانِ رسول! * وليمو ڪرڻ سنّتِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهي اسان جا آقا. مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ وليمو ڪندا هئا امُّ المؤمنين حضرت صفيه رَضِىَ اللهُ عَنْها سان نڪاح جي وقت پاڻ ڪريم  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  وليمي ۾ حَرِيسه کارايو. ([4])حَرِيسه جي وضاحت: کجور، مکڻ، کارڪون ۽ گيھ ملائي ڪري تيار ڪيل کاڌي کي حَرِيسه چيو ويندو آهي، انهن جا کوڙ قِسم آهن ۽ مختلف طريقن سان بڻايو ويندو آهي.

 * اهڙيءَ طرح امُّ المؤمنين زينب رَضِىَ اللهُ عَنْها سان  نڪاح جي وقت پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ وليمي ۾ هڪ ٻڪري ذبح فرمائي، هي پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي طرفان ڪيل وليمن مان سڀني کان وڏو وليمو هو.([5])

   وليمي جي دعوت جي بابت مدني گُلَ: * وليمو مرد جي حيثيت جي مطابق آهي، مثال طور غريب آهي ته پنهنجي حيثيت جي مطابق دعوت جو اهتمام ڪري، امير پنهنجي حيثيت جي مطابق([6]) * وليمو شاديءَ جي پهرين رات کان


 

 



[1] ...تاریخ دمشق، جلد:9، صفحہ:343۔

[2] ...بخاری، کتاب:النکاح، باب:الولیمۃ ولو بشاۃ، صفحہ:1329، حدیث:5167۔

[3] ..بخاری، کتاب:النکاح، باب:من ترک الدعوۃ، صفحہ:1331، حدیث:5177۔

[4] ...بخاری، کتاب:النکاح، باب:الولیمۃ ولو بشاۃ، صفحہ:1330، حدیث:5169۔

[5] ...بخاری، کتاب:النکاح، باب:الولیمۃ ولو بشاۃ، صفحہ:1330، حدیث:5168۔

[6] ...فتح الباری، کتاب:النکاح، باب:الولیمۃ ولو بشاۃ، جلد:9، صفحہ:293، تحت الحدیث:5167 ۔