Book Name:Mehfil e Milad Mustafa Ke Barakat

بعد ڪرڻ سنّت آهي، ڪجھ ماڻهو نڪاح کان پهريان ئي وليمو ڪري ڇڏيندا آهن، هن طرح ڪرڻ سان سنّت ادا نه ٿيندي. * وليمي جي دعوت قبول ڪرڻ سنّت آهي، البته جنهن وليمي ۾ يا دعوت جي باري ۾ معلوم آهي ته اتي خرافات (مثال طور ناچ گانا ٿيندا يا عورتون ۽ مرد ڪڏ ٿيندا) ته اتي نه وڃي.([1])

   مختلف سنّتون سکڻ جي لاءِ مڪتبةُ المدينه جو ڪتاب بهارِ شريعت جلد:3 حصّو: 16، ۽ شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو 91 صفحات جو رسالو 550 سنّتون ۽ آداب خريد ڪيو ۽ پڙهو، سنّتن سکڻ جو هڪ بهترين ذريعو دعوتِ اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ سنّتن ڀريو سَفر به آهي.

لوٹنے رحمتیں قافلے میں چلو          سیکھنے سنتیں قافلے میں چلو

ہوں گی حل مشکلیں قافلے میں چلو       ختم ہوں شامتیں قافلے میں چلو

   الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي. اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ الۡاَمِيۡنصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِه وَسَلَّم



[1] ...بہارِ شریعت، جلد:3، صفحہ:392، حصہ:16خلاصۃً۔