Book Name:Mehfil e Milad Mustafa Ke Barakat

مجسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان عاليشان آهي: مَنْ اَحَبَّنِی کَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّۃِ جيڪو مون سان محبت ڪري، اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو.([1]) * علّامه قسطلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  فرمائن ٿا: * ميلاد ملهائڻ جي برڪت سان سڄو سال گهر ۾ امن رهندو آهي * مقصدن جي حاصلات جي لاءِ ميلاد ملهائڻ واري کي خوشيون ملنديون ۽ دل جون مرادون پوريون ٿينديون آهن.([2])

تیرا کھاواں میں تیرے گیت گاواں یَا رسولَ اللہ                                                                               تیرا میلاد میں کیوں نہ مناواں یَا رسولَاللہ

 ميلاد شريف جي برڪت سان شفا ملي وئي

   حضرت ميان غلام حيدر رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه بلوچستان جو هڪ بزرگ ٿي  گذريو آهي، سندس هڪ مريد هو، ان  جو نالو هو: جمعو. ڊهاڊر شهر جو رهاڪو هو، ان کي عالم سڳورن جا لکيل ميلاد نامه پڙهڻ جو تمام گهڻو شوق هو. هڪ ڀيري حضرت ميان غلام حيدر رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ڪنهن ڪم سان گڏ ڊهاڊر شهر تشريف کڻي آيا، سندن جا مريدَ پاڻ سان ملڻ جي لاءِ حاضر ٿيا پر جمعو نالي شخص نه آيو، ميان صاحب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه معلومات ورتي ته خبر پئي ته اهو ٻن سالن کان بيمار آهي ۽ ان جا پير سُڪي چُڪا آهن، هلڻ ڦرڻ کان لاچار آهي. ميان صاحب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ان کي گهرايو ۽ فرمايو: اڄ رات ميلاد نامو پڙهو! الله پاڪ خير فرمائيندو. مريد پير جي فرمان تي لَبَيۡڪ چيو ۽ پوري يقين سان سڄي رات ميلاد شريف پڙهندو رهيو، الله پاڪ ان تي ڪرم فرمايو، صبح جي وقت ان اٿڻ چاهيو ته لٺ جي سهاري پاڻ ئي اٿي ويو، ميلاد شريف پڙهڻ جي برڪت سان ان کي شفا ملي وئي ۽ اهو پاڻ پنهنجي پيرن تي هلي ڪري گهر پهتو.

جس وقت کوئی مَرحَلہ دُشوار آگیا                       اُس وقت کام سیِّدِ ابرار آگیا

برسِیں   گھٹائیں   رحمتوں   کی جھوم جھوم کر               رحمت سراپا جب مرا سردار آگیا


 

 



[1] ...نعمۃ الکبریٰ لابن حجر،صفحہ:7۔

[2] ... شرح زرقانی ،المقصد الاول،ذکر رضاعہ ،جلد:1،صفحہ:262 ۔