Book Name:Mehfil e Milad Mustafa Ke Barakat

حلقو بڻائي ڇو ويٺا آهيو؟ عرض ڪيائون: جَلَسْنَا نَدْعُوْ اللہ وَ نَحْمَدُہٗ عَلٰی مَا ہَدَانَا لِدِیْنِہٖ وَ مَنَّ عَلَیْنَا بِکَ يعني يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! الله پاڪ اوهان کي موڪلي اسان تي جيڪو احسان فرمايو آهي، اسان کي دينِ اسلام جي هدايت نصيب فرمائي آهي، اسان ان نعمت تي الله پاڪ جو شڪر ادا ڪري رهيا آهيون ۽ دعائون ڪري رهيا آهيون.

   پياري نبي، محمدِ عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻيهر پڇيو: ڇا توهان قسم کڻندؤ ته صرف انهيءَ مقصد جي لاءِ ويٺا آهيو؟ عرض ڪيائون: الله پاڪ جو قسم! اسان صرف انهيءَ مقصد جي لاءِ ويٺا آهيون. ان تي پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: مون قسم ان ڪري نه کڻايو ته مونکي توهان تي ڪو شڪ هو بلڪه معاملو هي هو ته هاڻي هاڻي جبريلِ امين عَلَيهِ السَّلَام آيا ۽ ٻڌايو ته يا رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! (اوهان جا صحابه اوهان جي آمد جي خوشيءَ ۾ ملي ڪري ويهي الله پاڪ جو شڪر ادا ڪري رهيا آهن ۽) الله پاڪ فرشتن جي سامهون انهن تي فخر فرمائي رهيو آهي.[1]

 سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه! پيارا اسلامي ڀائرو! آمدِ محبوب (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ) کي پنهنجي حق ۾ الله پاڪ جو عظيم احسان مڃي ڪري، گڏ ويهي ڪري ان تي الله پاڪ جو شڪر ادا ڪرڻ يا ٻين لفظن ۾ هيئن چئي وٺو ته محفلِ ميلاد سجائڻ ڪيڏو فضيلت وارو ڪم آهي جو صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم هي ڪم ڪيو ته الله پاڪ ملائڪن جي سامهون انهن تي فخر فرمايو.

وہ لوگ خُدا شاہِد قسمت کے سکندر ہیں           جو سرورِ عالَم کا میلاد مناتے ہیں

ميلادِ مصطفٰي جي محفل جون برڪتون

علماءِ ڪرام فرمائن ٿا: *  ميلاد ملهائڻ تعظيمِ مصطفٰي جي هڪ صورت آهي * ميلاد ملهائي ڪري مسلمان الله پاڪ جي هڪ وڏي نعمت (يعني پاڻ سڳورن


 

 



[1] ... نسائی،کتاب آداب القضاۃ، کیف یستحلف الحاکم،صفحہ:861 حدیث:5436۔