Book Name:Mehfil e Milad Mustafa Ke Barakat

ڪوھِ طور، دنيا جي افضل ترين جبلن مان هڪ، اهو جبل جنهن تي الله پاڪ پنهنجي تجلّي نازل فرمائي. ان مقام تي تذڪرو ڇا ٿي رهيو آهي؟ محبوبِ خدا، سرورِ انبيا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جون نعتون، پاڻ جا اعلٰي گُڻ. هي سڀ بيان فرمائڻ وارو ڪير آهي؟ خود ربِّ ڪائنات، ٻڌڻ وارو ڪير آهي؟ اُولُو العزم نبي، حضرت موسٰي ڪليمُ الله عَلَيهِ السَّلَام .

   ڄڻ ڪوھِ طور تي محفلِ ذڪرِ مصطفٰي سجي آهي، الله پاڪ پنهنجي محبوب جون نعتون ذڪر فرمائي ٿو، موسٰي عَلَيهِ السَّلَام ٻڌي ٿو. پوءِ اسان ڇو نه چئون،

سب سے اَوْلیٰ و اعلیٰ ہمارا نبی                  سب سے بالا و بالا ہمارا نبی

اپنے مولیٰ کا پیارا ہمارا نبی                    دونوں عالَم کا دولہا ہمارا نبی

جیسے سب کا خُدا ایک ہے ویسے ہی             اِن کا اُن کا تمہارا ہمارا نبی

مُلکِ کونین میں انبیاء تاجدار                   تاجداروں کا آقا ہمارا نبی

ميلاد جي محفل ڪڏهن ڪڏهن ڪري سگهون ٿا؟

   پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! ربيعُ الاول شريف ۾ ته ميلاد جون محفلون سجايون ئي وينديون آهن پر قربان وڃو! الله پاڪ عاشقانِ رسول کي نرالو مزاج عطا فرمايو آهي، هي ميلاد جي محفل جي لاءِ ربيعُ الاول جو انتظار ناهن ڪندا. سڄو سال ئي محفلون سجائيندا رهندا آهن * ڪنهن کي شادي تي محفل ڪرائڻي هجي، ان جي اشتهار تي به لکندا آهن: محفلِ ميلادِ مصطفٰي * ڪنهن کي رمضان ۾ برڪت جي لاءِ محفل ڪرائڻي هجي، تڏهن به محفلِ ميلادِ مصطفٰي * رجب ۾ محفل هجي، تڏهن به محفلِ ميلادِ مصطفٰي مطلب ته، عاشقانِ ميلاد سڄو سال ئي ميلاد ملهائيندا رهندا آهن.

   ڪجھ ماڻهو ان تي تنقيد ڪندي چوندا آهن ته آخر هي ميلاد جي محفل جو ڪهڙو موقعو آهي؟ شادي آهي، محفل ڪرڻي آهي، ڪيو! پر ان کي محفلِ