Book Name:Mehfil e Milad Mustafa Ke Barakat

وارا ناهن هوندا. (9): ميلاد جي جلوس ۾ ٽانگو اٺَ گاڏي نه آڻيو ڇوته گهوڙي ۽ اٺَ جي پيشاب ۽ لِڏ سان عاشقانِ رسول جا ڪپڙا وغيره ناپاڪ ٿيڻ جو انديشو رهندو آهي. (10): جلوس ۾ مڪتبةُ المدينه جا رسالا خوب ورهايو، ڦَل فروٽ وغيره ورهائڻ ۾ به اڇلڻ جي بدران ماڻهن کي هٿن ۾ ڏيو، زمين تي ڪرڻ ٽڙڻ ۽ پيرن هيٺان لتاڙڻ سان انهن جي بيحرمتي ٿيندي آهي. (11): ڀڙڪائيندڙ نعري بازي پُر وقار ميلاد جي جلوس کي هيڏانهن هوڏانهن ڪري سگهي ٿي، پُر امن رهڻ ۾ توهان جي پنهنجي ڀلائي آهي. (12): الله نه ڪري جيڪڏهن ڪٿي ٿورو گهڻو پٿراءُ ٿي به وڃي تڏهن به جذبات ۾ اچي ڪري جوابي ڪاروائي نه ڪيو جو هن طرح توهان جو جلوسِ ميلاد ٽڙ وِکڙ  ٿي ويندو ۽ دشمن جي مراد پوري ٿي ويندي.([1])

غُنچے چَٹکے،پُھول مہکے ہر طرف آئی بہار             ہو گئی  صبحِ   بَہْاراں  عید ِ  میلادُ النّبی ([2])

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                                صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: هفتيوار مدني مذاڪرو

   اي عاشقانِ رسول! دل ۾ عشقِ رسول وڌائڻ، نيڪ بنجڻ ۽ ايمان جي حفاظت جو ذهن ماڻڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ دعوتِ اسلامي جي ديني ڪمن ۾ وڌي ڪري حصو وٺو! اِنْ شَآءَ اللہ الْکَریْم! نيڪيون ڪرڻ ۽ گناھن کان بچڻ جو ذهن بڻبو. ذيلي حلقن جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم آهي: هفتيوار مدني مذاڪرو.

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! شيخِ  طريقت، اميرِ اهل سنت، حضرتِ علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطّارقادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ هر ڇنڇر جو نمازِ عشاء کان بعد مدني چينل


 

 



[1] ... صبحِ بہاراں ،صفحہ:20 - 24 ملتقطاً۔

[2] ... وسائلِ بخشش،صفحہ:380۔