Book Name:Mehfil e Milad Mustafa Ke Barakat

نصيب ٿينديون. الله پاڪ توفيق نصيب فرمائي.  اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ الۡاَمِيۡنصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِه وَسَلَّم

نور کی پُھوہار برسی چار سُو ہے روشنی                 ہو گیا گھر گھر چَراغاں عیدِمیلادُالنَّبی

غنچے چٹکے، پھول مہکے ہر طرف آئی بہار             ہوگئی صبحِ بہاراں عیدِمیلادُالنَّبی

ہم نہ کیوں روشن کریں گھرگھر دِیے مِیلاد کے              خود کرے جب حق چَراغاں عیدِمیلادُالنَّبی

 

سرکار کی آمد!     مرحبا!            سردار کی آمد!     مرحبا!

رسول کی آمد!     مرحبا!            مختار کی آمد!       مرحبا!

اچھے کی آمد!      مرحبا!            سچّے کی آمد!       مرحبا!

ڪوهِ طور تي ذڪر مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

   قرآنِ مجيد ۾ مختلف مقامن تي هڪ واقعو بيان ٿيو آهي، سيپارو: 9 سورة اَعراف ۾ هن واقعي جي ڪجھ تفصيل آهي، واقعو هي آهي ته هڪ ڀيري الله پاڪ پنهنجي نبي حضرت موسٰي ڪيلمُ الله عَلَيهِ السَّلَام کي حڪم ڏنو ته بني اسرائيل مان 70 ماڻهو چونڊيو ۽ انهن کي ساڻ وٺي ڪوھِ طور تي تشريف کڻي وڃو! حضرت موسٰي عَلَيهِ السَّلَام حڪم تي عمل ڪيو، 70 ماڻهو چونڊيائين ۽ انهن کي وٺي ڪري ڪوھ طور تي تشريف کڻي ويا.

    ڪوھِ طور تي پهچي ڪري انهن 70 ماڻهن سخت گستاخي ڪئي، چيائون:

یٰمُوۡسٰی لَنۡ نُّؤۡمِنَ لَکَ حَتّٰی نَرَی اللّٰہَ جَہۡرَۃً  (سيپارو: 1 سورة بقره: آيت 55)

ترجموڪنزالعرفان: اي موسٰي! اسان هرگز توهان جو يقين نه ڪنداسين جيستائين ظاهر ظهور خدا کي نه ڏسي وٺون.

   ياد رکو! الله پاڪ جي ديدار جي آرزو ڪرڻ برو ناهي، هي آرزو ته حضرت