Book Name:Mehfil e Milad Mustafa Ke Barakat

کي جنّت ۾ ملڻ وارا انعام بيان ٿي رهيا ها) ربِّ ڪريم مِنْ رَّبِّکَ فرمائي ڪري پنهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي شرف ۽ فضليت کي بيان فرمايو آهي.([1])

  ڄڻ ته ان ۾ ڪافرن کي ٻڌايو پيو وڃي ته اي ڪافرَؤ! توهان جا هي ڪوڙا خدا توهان کي ڪجھ نه ٿا ڏئي سگهن، جهنّم کان بچائڻ ۽ جنّت عطا فرمائڻ ان سچي خدا جي عنايت آهي جنهن جي بارگاھ ۾ محمد مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سجدو ڪن ٿا، تنهنڪري

آج لے اُن کی پناہ، آج مدد مانگ اُن سے        پِھر نہ مانیں گے قِیامت میں اگر مان گیا

   سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه! غور فرمايو! ڳالھ هئي قيامت جي، ذڪر هو اهلِ جنّت جي نعمتن جو، الله پاڪ مِنْ رَّبِّکَ فرمائي ڪري اهلِ جنّت وارن تي ٿيڻ وارين عطائن جو به ذڪر ڪري ڇڏيو ۽ محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي فضيلت بيان فرمائي ڇڏي، اهڙيءَ طرح جا هزارين مثال قرآنِ ڪريم ۾ موجود آهن، انهن سڀني مان خبر پئي ٿي ته ڳالھ ڳالھ تي ذڪرِ مصطفٰي ڪرڻ قرآن ڪريم جو طريقو آهي. ان ڪري ته قرآنِ ڪريم کان نعت بيان ڪرڻ سکڻ وارا، اسان جا آقا اعلٰي حضرت، امامِ اهلِ سنّت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا:

خاک ہو جائیں عَدو جَل کر مگر ہم تو رضاؔ     دَم میں جب تک دَم ہے ذِکر اُن کا سُناتے جائیں

ماھِ ميلاد جي آمد! مرحبا...!!

   اي عاشقانِ رسول! جڏهن مزاجِ عشق ئي اهو آهي ته ڳالھ ڳالھ تي ذڪر محبوب ڪيو وڃي، هاڻي ته وري آهي ئي ذڪرِ محبوب جو مهينو. هي ته اهو مبارڪ مهينو آهي، جنهن جو چنڊ نظر ايندي ئي سهڻيون گهڙيون ياد اچڻ لڳنديون آهن، * جڏهن مڪي پاڪ تي نور ڇانيل هو * تارا زمين ڏي مائل هئا * دنيا ۾ روشنيون پکڙجي رهيون هيون * آسمانن جا دروازا کوليا ويا هئا


 

 



[1] ...تفسر روح المعانی،پارہ:30 ،سورۂ نبا،تحت الآیۃ:36 ، جز:30 ،جلد:15، صفحہ:305۔