ALLAH Pak Ki Raza Sab Say Bari Naimat Hai

Book Name:ALLAH Pak Ki Raza Sab Say Bari Naimat Hai

وڃي هان ۽ ڪجھ ٻانها اهي آهن جن جي حق ۾ امير هئڻ ئي بهتر آهي، جيڪڏهن مان اُنهن کي غريب ڪيان ها ته انهن جو حال بگڙجي وڃي ها۔([1])

ان جو ته انڌو هئڻ ئي بهتر آهي

الله پاڪ جي نبي حضرت عيسيٰ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم هڪ ڀيري نهر جي قريب کان لنگھي رهيا هئا، پاڻ ڏٺائون ته ٻار نهر ۾ وهنجي رهيا آهن، انهن سان گڏ هڪ نابين (Blind) ٻار به هو، حضرت عيسيٰ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم کي ان جي حال تي رَحم آيو، پاڻ الله پاڪ جي بارگاھ ۾ دُعا گھري: يا الله پاڪ! هن کي به اکيون عطا فرماءِ۔ الله پاڪ سندن دُعا قبول فرمائي ۽ ان ٻار کي اکيون عطا فرمايون، جڏهن ان اکيون کوليون ۽ ٻارن کي ڏٺائين ته هڪ ٻار کي پڪڙي پاڻي ۾ ايتري قدر غوطا ڏنائين جو هو مري ويو، وري ٻئي کي پڪڙي ان کي به غوطا ڏئي قتل ڪري ڇڏيائين، هي منظر ڏسي حضرت عيسيٰ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم حيران ٿي ويا ۽ دُعا گھري: يا الله پاڪ! تُون پنهنجي مخلوق کي بهتر ڄاڻڻ وارو آهين، هن کي پهرين حالت تي ئي موٽائي ڇڏ۔([2])

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! جڏهن الله پاڪ هر هڪ کي ڪمال ئي عطا فرمايو، رَبِّ ڪريم جي بارگاھ مان جنهن کي جيڪو مِلي رهيو آهي، 100 سيڪڙو ئي ملي رهيو آهي، هر هڪ جهڙي حال ۾ آهي، اهو ئي حال ان جي حق ۾ بهتر آهي ته ٻڌايو! شڪوه شڪايت جي گنجائش ئي ڪهڙي رِهجي وڃي ٿي، شڪوه تڏهن ٿئي ٿو، جڏهن اسان سان نااِنصَافي ٿي رهي هجي، نااِنصَافي ته ٿي نه آهي، هر هڪ کي ڪمال ئي عطا ڪيو ويو، هر هڪ کي ان جي قابليت


 

 



[1]... مرقاۃ المفاتیح، کتاب الدعوات، جلد:5، صفحہ:314، تحت الحدیث:2459۔

[2]... آنسوؤں کا دریا، صفحہ:252 خلاصۃً۔