ALLAH Pak Ki Raza Sab Say Bari Naimat Hai

Book Name:ALLAH Pak Ki Raza Sab Say Bari Naimat Hai

ٿئي، ان کي گھرجي ته مون کان علاوه ڪو ٻيو رَبّ ڳولهي وٺي۔([1])

اَلاَمان والحفيظ!

 پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!  ڏٺو اوهان! هي فرمان تمام گھڻو اکيون کوليندڙ آهي. جيڪو شخص الله پاڪ جي تقدير تي، ان جي فيصلن تي راضي نٿو رهي، ان کي ڄڻ ڌڪاريو وڃي پيو، ان کي ٻڌايو وڃي پيو ته هو انسان سڏرائڻ جو حقدار ئي نه آهي۔ اَصل ۾ انسان  ته اهو ئي آهي جيڪو رَبِّ ڪريم جي فيصلن تي راضي رهي ٿو۔

 ٻانهو ھئڻ ڪنهن کي چئبو آهي؟

اڳوڻي دَور ۾ غُلام باقاعده بازار ۾ وڪامندا هئا، هڪ ڀيري حضرت ابراهيم بن اَدھَم رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه کي هڪ غُلام جي ضرورت پيش آئي، پاڻ بازار ۾ ويا، هڪ غُلام خريد ڪري گھر وٺي آيا، پاڻ ان غلام کان پڇيائون: تنهنجو نالو ڇا آهي؟ غُلام چيو: جنهن نالي کان اوهان پُڪاريو، اهو ئي منهنجو نالو آهي، پاڻ پڇيائين: توهان ڇا کائڻ جا عادِي آهيو؟ غُلام چيو: جيڪو اوهان کارايو، کائي وٺندس، پوءِ پڇيائون: ڪا خواهش هجي ته ٻڌايو! غُلام چيو: جيڪا اوهان جي خواهش آهي، اها منهنجي خواهش آهي۔ مان ته غُلام آهيان ۽ غُلام کي هنن شين بابت ڪو تعلق ناهي هوندو۔ان تي حضرت ابراهيم بن ادھم رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه سوچڻ لڳا: ڪاش! مان به الله پاڪ جو اهڙو ئي اطاعت گذار ٿين ها ته ڪيترو سٺو هو۔([2])


 

 



[1]... معجم کبیر ،جلد:22، صفحہ:321، حدیث:807 بتغیر ۔

[2]... تذکرۃ الاولیا، حضرت ابراہیم ادھم، صفحہ:78۔