ALLAH Pak Ki Raza Sab Say Bari Naimat Hai

Book Name:ALLAH Pak Ki Raza Sab Say Bari Naimat Hai

ڪاش! اسان به الله پاڪ جي رِضا ۾ راضِي رهڻ وارا، خَلوت ۽ جلوت ۾ گُنَاهن کان بچڻ وارا، پنهنجي رَبِّ ڪريم جا فرمانبردار ٻانها بڻجي وڃون۔

الله پاڪ کي راضِي ڪرڻ جو طريقو

امام غزالي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: الله پاڪ جي طرفان ٻانهي کي آخرت ۾ جيڪي انعام عطا ڪيا ويندا، انهن ۾ سڀ کان وڏو ۽ انتهائي درجي جو انعام هي آهي ته الله پاڪ ٻانهي کان راضي ٿي وڃي۔([1]) الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:

وَ رِضْوَانٌ مِّنَ اللّٰهِ اَكْبَرُط (پاره: 10، سورۂ توبه: 72)

 ترجَمو ڪنزُ العِرفان: ۽ الله جي رضا سڀ کان وڏي شيءِ آهي.

يعني جنت جي نعمتن مان سڀ کان وڏي نعمت هي هوندي ته الله پاڪ جنتين کان راضي هوندو، ڪڏهن ناراض نه ٿيندو۔([2])

پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: الله پاڪ اهلِ جنت کي فرمائيندو: اي جنتيو! ڇا توها راضي ٿي ويؤ؟ جنتي عرض ڪندا: موليٰ! راضي ڇو نه ٿينداسين تو اسان کي اهي نعمتون ڏنيون جيڪي ڪنهن کي ناهي ڏنيون۔ الله پاڪ فرمائيندو: مان توهان کي ان سڀ کان اعليٰ نعمت ڏيندس، جنتي عَرض ڪندا: موليٰ! انهن کان افضل ڪهڙي شيء ٿي سگھي ٿي؟ الله پاڪ فرمائيندو: مان توهان کان راضي رهندس ڪڏهن ناراض نه ٿيندس۔([3])


 

 



[1]... احیاء العلوم ، جلد:5، صفحہ:157۔

[2]... تفسیر خازن، پارہ:10، سورۂ توبہ، تحت الآیۃ:72، جلد:2، صفحہ:261۔

[3]... بخاری کتاب التوحید، باب کلام الرب مع اہل الجنۃ، صفحہ:1812، حدیث:7518۔