Book Name:ALLAH Pak Ki Raza Sab Say Bari Naimat Hai
(Lottery) نڪتي آهي ته اسان جي دِل جي حالت ڪهڙي هوندي؟ اسان خوشي مان جھومڻ لڳنديون سين، دِل مچلجي ويندي، چهري تي خوشي هوندي، شايد ايئن لڳندو ته مان ڪو خواب ڏسي رهي آهيان۔ ان جي ابتڙ جيڪڏهن ڪو اچي چئي: توهان جي مڙس جي دُڪان ۾ باھ لڳي آهي ۽ سڄو سامان سڙي ويو آهي، هاڻي اسان جي دِل جي حالت ڪهڙي هوندي؟ دِل غَم ۾ ٻڏي ويندي، چهري تي پريشاني جا آثار هوندا، ٿي سگھي ٿو ته هاءِ افسوس چئي هنگامو به مچائي ڇڏيو۔
ايئن دِل جي حالت بدلجندي آهي، نعمت ملڻ تي ڪيفيت ٻئي هوندي آهي، نعمت کسجي وڃڻ يا ڪا ٻي مصيبت اچڻ تي ڪيفيت ڪجھ ٻي هوندي آهي، حضرت رابعه بصريه رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْها جي فرمان جو مطلب هي آهي ته انسان مال ۽ دولت ملڻ تي خوش ٿيندو آهي، ايئن ئي مال ضايع هئڻ جي خبر ٻڌي ڪري به راضي رهي تڏهن هن کي چئبو ته هي الله پاڪ جي رَبّ هئڻ تي راضِي آهي۔
چڱي، بُري تقدير الله پاڪ جي طرفان آهي
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! هي ڪا انوکي ڳالھ نه آهي، اسان ننڍپڻ کان پڙهنديون، ٻڌنديون آيون ئي آهيون: وَ الْقَدْرِ خَیْرِہٖ وَ شَرِّہٖ مِنَ الله تَعَالیٰ هر چڱي، بُري تقدير الله پاڪ جي طرفان آهي، اسان کي نعمت ملي * هي به الله پاڪ جي طرفان آهي * ڪا آزمائش اچي، هي به الله پاڪ جي طرف کان آهي * مال مِليو، هي به الله پاڪ جي طرفان آهي * غُربت اچي، هي به الله پاڪ جي