Book Name:ALLAH Pak Ki Raza Sab Say Bari Naimat Hai
معلوم ٿيو؛ الله پاڪ جي رِضا ملڻ آخرت جي انعامن ۾ سڀ کان وڏو انعام آهي ۽ هي انعام ملندو ڪيئن آهي؟ امام غزالي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: هي (آخرت جو سڀ کان وڏو انعام) انهيء صُورت ۾ ملندو آهي جو ٻانهو دُنيا ۾ الله پاڪ کان راضي رهي۔([1])
هڪ ڀيري بني اسرائيل حضرت موسيٰ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جي بارگاھ ۾ عرض ڪيو: اي الله پاڪ جا نبي عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم! الله پاڪ کان اهڙو عَمَل معلوم ڪيو جو جڏهن اسان اهو عَمَل ڪريون ته الله پاڪ اسان کان راضِي ٿي وڃي۔ حضرت موسيٰ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم رَبِّ ڪريم جي بارگاھ ۾ بني اسرائيل جو مُدَّعا پيش ڪيو، هن تي الله پاڪ فرمايو: اي موسيٰ! بني اسرائيل کي ٻڌايو! هو مون کان راضِي رهن، مان اُنهن کان راضي ٿي ويندس۔([2])
شيخ ابو علي دَقّاق رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو هڪ شاگرد فرمائيندو هو: مون کي هي معلوم ٿي ويندو آهي ته الله پاڪ مون کان راضي آهي يا نه؟ پڇيو ويو: اهو ڪيئن؟ فرمايائون: جڏهن مان رَبّ کان راضِي هوندو آهيان ته هو به مون کان راضِي هوندو آهي۔([3])
چوَن ٿا: ڪنهن ڳوٺ ۾ هڪ نيڪ بزرگ رهندو هو، سڀئي ماڻهو ان جي گھڻي