ALLAH Pak Ki Raza Sab Say Bari Naimat Hai

Book Name:ALLAH Pak Ki Raza Sab Say Bari Naimat Hai

غُربت اچي وئي، بيماري اچي وئي، هي شيون محسوس ٿين، دِل غمگين ٿي وڃي، اک مان لڙڪ نڪري اچن، هن ۾ ڪو حرج نه آهي، پر هي ضروري آهي ته اسان دِل ننڍي نه ڪريون، زبان تي شڪوا نه آڻيون، پنهنجي پياري رَبِّ ڪريم جي فيصلي تي مَعَاذَ الله اعتراض نه ڪريون۔ حُضُور غوثِ اعظم شيخ عبد القادر جيلاني رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا:  اَلْاِعْترَاضُ عَلَی الْحَقِّ مَوْتُ الدِّینِ وَ مَوْتُ التَّوْحِیْدِ وَ مَوْتُ التَّوَکُّل يعني الله پاڪ تي اعتراض ڪرڻ دِين جو به موت آهي، تَوحيد جو به موت آهي ۽ توڪل جو به موت آهي۔([1])

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! الله پاڪ تي اعتراض ڪرڻ قطعي ڪفر آهي ۽ مُعتَرِض (يعني الله پاڪ تي اعتراض ڪرڻ وارو) ڪافِر آهي، الله پاڪ خالِق ۽ مالِڪ آهي، اُن جي پيدا ڪيل ٻانهي جو اُن تي اعتراض ڪرڻ اُن جي شديد ترين توهين آهي، مسلمان کي گھرجي ته الله پاڪ جي هر ڪم کي حڪمت ڀريو ئي يقين ڪري چاهي ان جي پنهنجي عقل ۾ اچي يا نه اچي۔ زَبان تي اچڻ ته رهيو پري، دل ۾ به اعتِراض کي جڳھ نه ڏئي۔([2])

رِضا ڇو ضروري آهي؟

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسين انسان آهيون الله پاڪ جي مخلوق آهيون مخلوق کي هي حق نٿو پهچي ته هو پنهنجي رَبِّ ڪريم جي فيصلي تي اعتراض ڪري، الله پاڪ اسان جو رَبّ آهي، ان ئي اسان کي پيدا فرمايو،


 

 



[1]... الفتح الربانی، مجلس اول، صفحہ:9-10۔

[2]... کفریہ کلمات کے بارے میں سوال جواب، صفحہ:141-142 ملتقطاً۔