ALLAH Pak Ki Raza Sab Say Bari Naimat Hai

Book Name:ALLAH Pak Ki Raza Sab Say Bari Naimat Hai

سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿيون! مثال طور نيت ڪريو! * عِلۡم دين سکنديس * سڄو بيان ٻڌنديس * اَدب سان ويهندس * تَوَجّهه سان ٻُڌنديس * پنهنجي اصلاح جي لاءِ بيان ٻڌنديس * جيڪو ٻُڌنديس ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪنديس۔ اِنْ شَآءَ اللهُ الْڪَرِيْم!

 صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

الله پاڪ سان راضِي ٿيڻ مان ڇا مراد آهي؟

حضرت رابعه بصريه رَحمَۃُ الله عَلَيها الله پاڪ جي ولياڻي، وڏي نيڪ  سيرت ۽ عبادت گذار هيون، هڪ ڏينهن پاڻ ويٺيون هيون، ته سندن سامهون هڪ شخص دُعا گھري: يا الله پاڪ! مون سان راضِي ٿي وڃ۔

هي دُعا گھرڻ بلڪل جائز آهي، عموماً هي دُعا گھري به ويندي آهي پر ڪامل ولي سڳورن جا پنهنجا نِرالا انداز آهن، حضرت رابعه بصريه رَحمَۃُ الله عَلَيها جڏهن ان شخص جي واتان هي دُعا ٻُڌي ته فرمايائون: اي شخص! توکي شرم نٿو اچي...؟ الله پاڪ کان ان جي رضا گھرين ٿو، جڏهن ته توهان پاڻ ان کان راضي نه آهيو۔

ويجھو ويٺل هڪ شخص عرض ڪيو: ٻانهو الله پاڪ کان راضِي ٿي وڃي هن جي ڇا معنيٰ آهي؟ فرمايائون: جڏهن توهان کي مصيبت تي به ايئن ئي خوشي هجي جيئن نعمت ملڻ تي ٿيندي آهي، تڏهن چيو ويندو ته توهان الله پاڪ کان راضي آهيو۔([1])

مثال طور تي اسان کي ڪو اچي چئي: توهان جي هڪ ڪروڙ روپين جي لاٽري


 

 



[1]... احیاء العلوم، جلد:5، صفحہ:166 بتغیر قلیل ۔