Book Name:ALLAH Pak Ki Raza Sab Say Bari Naimat Hai
طرفان آهي * صِحَّت الله پاڪ جي طرفان آهي * بيماري به الله پاڪ ئي جي طرفان آهي، مطلب هر چڱي ۽ بُري تقدير الله پاڪ ئي جي طرفان آهي، لهٰذا جڏهن ٻانهو هي اقرار ڪري چُڪو آهي ته مان الله پاڪ جي رَبّ هئڻ تي راضي آهيان ته ان کي گھرجي ته الله پاڪ جي هر فيصلي تي راضي ئي رهي، جيڪڏهن نعمت ملڻ تي خوش ٿئي ٿو ته گھرجي آزمائش اچڻ تي به خُوشي ئي ٿئي، الله پاڪ جي ڪنهن فيصلي تي به دِل ننڍي نه ڪري، نه زبان تي شڪوه شڪايت آڻي.
ها! الله پاڪ کان دُنيا ۽ آخرت ۾ خير و عافيت جي دُعا ڪرڻ ۾ به ڪو حرج نه آهي!اَللّٰھُمَّ اِنِّي اَسأَلُڪَ العَفوَ وَالعَافِيۃَ فِي الدُّنيا وَالآخِرَۃِ (اي الله! مان تو کان دنيا ۽ آخرت ۾ معافي ۽ هر بُرائي کان عافيت جو سوال ڪيان ٿي)۔
پُٽ جي وَفَات تي مُرڪڻ لڳا...!
حضرت فُضَيل بن عياض رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه تمام وڏا ڪامل ولي ٿي گذريا آهن، ماڻهن کيس ڪڏهن مرڪندي نه ڏٺو هو، خوفِ خُدا، قبر ۽ آخرت، حساب ڪتاب، پُل صراط ۽ جهنّم جي عذابن وغيره جي باري ۾ غور ۽ فِڪر ڪندا رهندا هئا۔
حضرت فُضَيل بن عياض رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو هڪ پُٽ هو: حضرت علي بن فُضَيل رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه هي به گھڻو نيڪ، متقي، پرهيزگار، خوفِ خُدا وارو ۽ والدَين جو نهايت فرمانبردار هو، حضرت علي بن فُضَيل رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي باري ۾ اچي ٿو ته پاڻ سورت زِلزَال مڪمل نه پڙھي سگھندا هئا، سورت زِلزَال ۾ قيامت جي هولناڪين جو بيان آهي، ان ڪري جڏهن به پاڻ سورت زِلزَال پڙھندا هئا يا ٻُڌندا