Book Name:ALLAH Pak Ki Raza Sab Say Bari Naimat Hai
۽ صلاحيت جي مطابق بهتر حالت ئي ۾ رکيو ويو ته اسان جو حق ٿئي ٿو ته اسان هن تي راضي رهون، هن جي باوُجُود به جيڪو الله پاڪ جي رِضا ۾ راضي نه آهي، شڪوه شڪايت ڪري ٿو، اهو ته ڄڻ هي چاهي ٿو ته اک ٻڌي ۽ ڪن ڏسي، جڏهن ته هي واضِح جهالت آهي، ڪن ڏسڻ جي لاءِ نه ٻڌڻ جي لاءِ آهن، اک ٻڌڻ جي لاءِ نه آهي، بلڪه ڏسڻ جي لاءِ آهي، لهٰذا الله پاڪ جنهن کي جتي رکيو، جهڙي حال ۾ رکيو، ان کي گھرجي ته ان تي راضِي رهي، ڪڏهن به زبان تي شڪوه شڪايت نه آڻي۔
راضي به رِضا رهڻ وارن جي لاءِ خوشخبري
الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايائون: طُوۡبٰی لِمَنۡ ھُدِیَ لِلۡاِسۡلَامِ وَ کَانَ رِزۡقُہٗ کَفَافًا وَ رَضِیَ بِہٖ يعني خوشخبري آهي ان جي لاءِ جنهن کي اسلام جي هدايت ڏني وئي، قدرِ ڪفايت رِزق ڏنو ويو ۽ هو ان تي راضي آهي۔([1])
قبرن مان اُڏامي جنّت ۾ داخِل ٿيڻ وارا
هڪ حديثِ پاڪ ۾ آهي: جڏهن قيامت جو ڏينهن ٿيندو ته الله پاڪ منهنجي اُمّت جي هڪ گروه کي پر عطا فرمائيندو، جن جي ذريعي هو پنهنجي قبرن مان اُڏامي جنّت ۾ هليا ويندا ۽ اتي جيئن چاهيندا لطف اندوز ٿيندا۔ ملائڪ انهن کان پڇندا: ڇا توهان حساب ڏئي چڪا آهيو؟ هو چوندا: اسان حساب ناهي ڏنو۔ ملائڪ ٻيهر پڇندا: ڇا توهان پُلصراط تان لنگھي چڪا آهيو؟ هو جواب ڏيندا؛