ALLAH Pak Ki Raza Sab Say Bari Naimat Hai

Book Name:ALLAH Pak Ki Raza Sab Say Bari Naimat Hai

آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم بک کان گھٽ کائيندا هئا، * پاڻ سڳورا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جيستائين دُنيا ۾ تشريف فرما رهيا، ڪڏهن لاڳيتون ٻه راتيون پيٽ ڀري نه کاڌائون * پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم بُک سبب پيٽ تي پٿر ٻڌندا هئا۔

کائڻ جي مِقدَار بابت اَحڪام: * بک رکي کائڻ سُنت آهي * جيتري بک آهي، اوترو کائڻ مُبَاح آهي (يعني هن ۾ نه گُنَاه، نه ثواب) * پيٽ ڀري ايترو کائڻ جو پيٽ خراب ٿيڻ جو گمان ٿئي، حرام آهي * پيٽ ڀري ايترو کائڻ جو پيٽ خراب ٿيڻ جو انديشو نه هجي، مڪروه آهي * غِذَا ۾ ايتري ڪمي ڪرڻ جو فرائض جي ادائيگي ۾ خلل اچي، ناجائز آهي۔([1])

مختلف سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي ”بهارِ شريعت“ جلد: 3، حصو: 16 ۽ شيخِ طريقت، امير اهلسنت دَامَت بَرَکاتُهمُ العَالِيه جو 91 صفحن جو رسالو ”550 سنتون ۽ آداب“ خريد ڪيو ۽ پڙھو،   الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرماءِ۔ آمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيٖنَ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد



[1]... بہارِ شَرِیْعت، حصہ:16، جلد:3، صفحہ:374 ملخصًا ۔