Book Name:ALLAH Pak Ki Raza Sab Say Bari Naimat Hai
اِن شَآءَ الله الڪرِيم! الله پاڪ اسان کان راضي ٿي ويندو ۽ جيڪڏهن الله پاڪ اسان کان راضِي ٿي ويو ته اِن شَآءَ الله الڪرِيم! بگڙي سنورجي ويندي۔ الله پاڪ اسان سڀني کي پنهنجي رِضا تي راضِي رهڻ جي توفيق نصيب فرمائي۔
ربّ جي رِضا تي راضِي رهڻ جي لاءِ ڇا ڪريون؟
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! الله پاڪ جي رِضا ۾ راضِي رهڻ جي عادَت اپنائڻ جي لاءِ کوڙ سارا طريقا اپنائي سگھجن ٿا؛ مثلاً الله پاڪ جي رِضا ۾ راضِي رهڻ جون فضيلتون پڙھون، الله پاڪ جا نيڪ ٻانها جيڪي هميشه اُن جي رِضا ۾ راضِي رهندا هئا، انهن جي سيرت پڙھون (هن جي لاءِ احياء العلوم، جلد: 5 کان رِضا جو بيان پڙھڻ مفيد آهي)، اهڙي طرح تڪليف، مصيبت، پريشاني، غُربت وغيره تي ملڻ واري ثوابن بابت مطالعو ڪريون (مثلاً شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنت دَامَت بَرَڪاتُهمُ العَالِيه جو رسالو غريب فائدي ۾ آهي ۽ بيمار عابِد پڙھون)۔ هن جي برڪت سان اِن شَآءَ الله الڪرِيم! الله پاڪ جي رِضا ۾ راضِي رهڻ جو ذِهن بڻبو۔
پيرانِ پير، حضور غوثِ اعظم شيخ عبد القادِر جيلاني رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه الله پاڪ جي رِضا ۾ راضي رهڻ جا 2 آسان طريقا ٻڌايا آهن، پاڻ فرمائن ٿا: (1): جيڪو شخص الله پاڪ جي رضا ۾ راضي رهڻ چاهي ٿو، ان کي گھرجي ته موت کي هميشه ياد رکي ڇو ته موت جي ياد دُنياوي مصيبتن کي آسان بڻائيندي آهي (2): جنهن ڳالھ تي دِل ۾ شڪوه اچي، ٻانهي کي گھرجي ته ان ڳالھ تي شڪوه ڪرڻ بدران، الله پاڪ کان دُعا ڪري، مثلاً ڪنهن تي غُربت اچي وئي يا ڪو بيمار ٿي ويو، هاڻي ان جي دِل ۾ وَسوَسا اچن ٿا ته ان کي گھرجي ته غربت يا بيماري جو شڪوه نه ڪري بلڪه الله پاڪ جي بارگاھ ۾ دُعا ڪري: يا الله پاڪ! مون