Book Name:ALLAH Pak Ki Raza Sab Say Bari Naimat Hai
کان لال پيليون ٿي وينديون آهيون، اوچتو بجلي (Electricity) بند ٿي وڃي ته رڙيون ڪرڻ لڳنديون آهيون، گاڏي پنڪچر (Puncture) ٿي وڃي ته اسان کان برداشت ناهي ٿيندو، سردي گھڻي اچي، گرمي گھڻي ٿئي، معمولي بخار اچي، مڙس جي پگھار (Salary) ليٽ ٿي وڃي ته اسان جي دِل ۾ وسوسا اچڻ لڳندا آهن، زبان تي شڪوه شڪايت ڪرڻ لڳندا آهيون۔
الله! الله! اهي ڪيترا عظيم ماڻهو هئا، جوان ۽ نهايت متقي، فرمانبردار پُٽ جو انتقال ٿيو ۽ حضرت فضيل بن عياض رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه مُرڪي رهيا آهن، ڇو...؟ ان ڪري جو رَبّ جي رضا اها هئي۔
وضاحت: يعني جيڪڏهن منهنجي غمگين ٿيڻ سان منهنجو رَبّ راضي ٿئي ٿو ته مون کي سُک جي ڪا حاجت نه آهي، مون کي هي ڏُک ئي قبول آهن۔
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! الله پاڪ منهنجو رَبّ آهي، هن جي رضا تي راضي رهڻ جو هڪ ٽيون درجو به آهي ۽ هي اهو درجو آهي جو هر مسلمان کي گھٽ مان گھٽ هن درجي تي لازمي هئڻ گھرجي۔ هي درجو ڪهڙو آهي؟ حضرت ابو علي دَقَّاق رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: رِضا هي نه آهي ته ماڻهو کي تڪليف محسوس ئي نه ٿئي بلڪه رِضا هي آهي ته انسان الله پاڪ جي فيصلي تي اعتراض نه ڪري۔([1])
تڪليف پهتي، مصيبت آئي، ڪٿي چوٽ لڳي، ڪنهن عزيز جو انتقال ٿي ويو،