ALLAH Pak Ki Raza Sab Say Bari Naimat Hai

Book Name:ALLAH Pak Ki Raza Sab Say Bari Naimat Hai

هئا ته خوفِ خُدا جي سبب غَش کائي ڪري پوندا هئا۔ ايترا خوفِ خُدا رکندڙ بزرگ هئا۔

حضرت علي بن فُضَيل رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه اڃا نوجوان ئي هئا ته سندن انتقال ٿي ويو، هر صاحِبِ اولاد سمجھي سگھي ٿو ته جوان پُٽ جو موت ڪيترو دردناڪ محسوس ٿيندو آهي پر قربان وڃجي! حضرت فُضَيل بن عياض رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه کي جڏهن هي خبر ڏني وئي ته سندن پُٽ جو انتقال ٿي ويو آهي ته پاڻ رُنا نه، دانهون نه ڪيائون، بلڪه سندن چهري تي مُرڪ ڦهلجي وئي۔ ماڻهن کي گھڻو تعجب ٿيو، پڇيائون: سائين! عجيب معاملو آهي، عام طَور تي اوهان مرڪندا نه آهيو، اڄ جوان پُٽ جو انتقال ٿيو آهي، هاڻي غمگين ٿيڻ جو موقعو آهي، لڙڪ وهائڻ جو موقعو آهي ۽ اوهان مرڪي رهيا آهيو، حضرت فضيل بن عياض رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه نهايت خوبصورت جواب ڏنو، فرمايائون: الله پاڪ جي رضا اها ئي هئي، لهٰذا مان ان جي رِضا ۾ راضِي آهيان۔([1])

زندگی اور موت کی ہے یا الٰہی کشمکش                           جاں چلے تیری رِضا پر بیکس و مجبور کی([2])

الله اڪبر! هن کي چئبو آهي ؛ الله پاڪ جي رَبّ هئڻ تي راضي ٿيڻ، الله منهنجو رَبّ آهي، هو منهنجي باري ۾ جيڪو فيصلو فرمائي، مون کي قبول آهي، دل و جان سان قبول آهي، خوش دِلي سان قبول آهي۔ افسوس! افسوس! اسان جو حال بلڪل اُبتڙ آهي، اسان وٽ هڪ گلاس ٽٽي پوي ته اسان غُصّي


 

 



[1]... تذکرۃ الاولیا، صفحہ:68 خلاصۃً۔

[2]...  وسائل بخشش، صفحہ:96۔