Book Name:ALLAH Pak Ki Raza Sab Say Bari Naimat Hai
عطا فرمايو آهي، جنهن حال ۾ رکيو آهي، جيڪڏهن ٻانهو ان جي عِلاوه ڪجھ ٻيو طلب ڪري ته هو ڄڻ هن ڳالھ جي دعويٰ ڪري رهيو آهي ته هو الله پاڪ کان وڌيڪ عِلم رکڻ وارو آهي ۽ ٻانهي جي جاهل هئڻ جي لاءِ ايترو ئي ڪافي آهي۔([1])
اَلاَمان وَ الحَفِيظ! پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! غور فرمايو! جيڪڏهن اسان الله پاڪ جي رِضا ۾ راضِي نٿيون رهون، جيڪو ڪجھ الله پاڪ عطا فرمايو آهي، ان تي راضِي نٿيون ٿيون، جنهن حال ۾ الله پاڪ رکيو آهي، ان حال ۾ خوش نٿيون ٿيون ته ڏسو! ڳالھ ڪيتري پري تائين وڃي پهتي، هي ڄڻ هن ڳالھ جي دعويٰ آهي ته ٻانهو الله پاڪ کان وڌيڪ عِلم رکي ٿو، جڏهن ته ايئن بلڪل به نٿو ٿي سگھي، الله پاڪ جو ئي عِلم ڪامِل آهي، ڪوبه ان کان وڌيڪ عِلم وارو نه آهي، ان پنهنجي ازلي علم کان ڄاڻي ورتو ۽ جيڪو اسان جي حق ۾ بهتر آهي، اهو ئي عطا فرمايو آهي۔ لهٰذا اسان کي گھرجي ته اسان هر حال ۾ الله پاڪ جي رِضا ۾ راضِي ئي رهون۔
پير تي چوٽ ڇو لڳي...؟
حضرت لقمان حڪيم رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي باري ۾ منقول آهي، پاڻ هڪ ڏينهن پنهنجي پُٽ کي فرمايو: توهان کي جيڪو به مُعَاملو پيش اچي، توهان کي سٺو لڳي يا بُرو، پنهنجي دِل ۾ اهو ئي رکو ته اهو توهان جي حق ۾ بهتر آهي۔ پُٽ عرض ڪيو: بابا سائين! هي ڳالھ ٿوري کولي سمجھايو! ايئن ڪيئن ٿو ٿئي سگھي جو هر ڳالھ منهنجي حق ۾ بهتر ئي هجي؟ حضرت لقمان حڪيم رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه