ALLAH Pak Ki Raza Sab Say Bari Naimat Hai

Book Name:ALLAH Pak Ki Raza Sab Say Bari Naimat Hai

عزّت ڪندا هئا، اُن کان دُعائون ڪرائيندا هئا، ان ڳوٺ جي قريب کان هڪ درياء وهندو هو، هڪ ڀيري ٿيو ايئن جو دريا جو بَند ٽٽي پيو، پاڻي ڳوٺ ڏانهن اچڻ لڳو، ماڻهو ڏاڍا پريشان ٿيا ۽ ڀڄندي نيڪ بزرگ وٽ پهتا، دُعا جي لاءِ عرض ڪيائون، نيڪ بزرگ فرمايو: وڃو! سڀئي ماڻهو ڦاوڙا ۽ ٻيا اوزار کڻي اچو! سڀئي جلدي ڦاوڙا وغيره کڻي حاضِر ٿيا، نيڪ بزرگ پاڻ به هڪ ڦاوڙو کڻي سڀني کي وٺي درياء جي قريب پهتو، ماڻهو سمجھي رهيا هئا ته دريا جو بند ٻڌڻو آهي پر نيڪ بزرگ ان جو ابتڙ ڪيو، دريا جو بند ٻڌڻ بدران جيڪو باقي بچيل هو ان کي به ٽوڙڻ شروع ڪيو، هي ڏسي ماڻهو  گهڻو خفا ٿيا ۽ واپس موٽي ويا۔ هاڻي ماڻهن وٽ ڪو ٻيو حل نه هو سڀئي خوف زده هئا، سيلاب کان بچڻ جي لاء ٻارن ٻچن کي وٺي گھرن جي ڇتن تي چڙھي ويا، ڪافي دير گذرن کان بعد انهن ڏٺو، دريا جو پاڻي جيڪو ڳوٺ ڏانهن وڌي رهيو هو رُڪي ويو آهي ۽ اهو نيڪ بزرگ ڪلهي تي بيلچو رکي واپس موٽي رهيو آهي۔ سڀ حيران ٿي ويا ته آخر ماجرا ڇا آهي؟ ڇتن کان لهي جلدي نيڪ بزرگ جي خِدمت ۾ حاضِر ٿي پڇيائون: سائين! ڇا ماجرا آهي؟ سيلاب ڪيئن رُڪجي ويو؟ فرمايائون: مان بچيل بند ٽوڙي رهيو هئس، غيب کان آواز آيو: اي شخص! هي ڇو ٿو ٽوڙين؟ مون عرض ڪيو: يقيناً هي بند الله پاڪ جي مشيت ئي کان ٽُٽو آهي، لهٰذا جڏهن الله پاڪ جي مشيت هي آهي ته درياء جو پاڻي ڳوٺ ڏانهن اچي ته مان هن تي راضِي آهيان ۽ پاڻي جو رستو کولي رهيو آهيان۔ آواز آيو: اي شخص! جڏهن تُون اسان جي مرضِي تي راضِي آهين ته وڃ! اسان تنهنجي مرضِي کي پُورو ڪريون ٿا۔ بس انهي سبب کان سيلاب رُڪجي ويو۔

سُبحٰنَ الله! خبر پئي؛ جيڪڏهن اسان الله پاڪ جي رِضا ۾ راضِي ٿي وڃون ته