ALLAH Pak Ki Raza Sab Say Bari Naimat Hai

Book Name:ALLAH Pak Ki Raza Sab Say Bari Naimat Hai

آهي، ان کي 100 فيصد نمبر ڏنا وڃن ته اهو ڪهڙي ڪلاس ۾ پهچندؤ؟ M.A ۾۔ هي فرق ڇو؟ ٻنهي کي 100 فيصد ئي نمبر مليا آهن ته هڪ پريپ ۾ ۽ ٻيو M.A ۾ ڇو پهتو؟ بلڪل واضِح ڳالھ آهي، نمبر توڙي جو ٻنهي کي برابر (يعني 100 سيڪڙو) مليا پر ٻنهي جي صلاحيت مختلف هئي، ٻنهي جي قابليت مختلف هئي، بالفرض جيڪڏهن نَرسَرِي واري کي 100 فيصد نمبر ملڻ تي M.A ۾ ويهاريو وڃي يا B.A  واري کي 100 فيصد نمبر ملڻ تي پريپ ۾ ويهاريو وڃي ته ٻئي پنهنجو توازُن وڃائي ويھن ھا، ٻئي اَن بيلنس ٿي وڃن ھا۔

اهڙي طرح دُنيا ۾ الله پاڪ هر هڪ کي ڪمال ئي عطا فرمايو آهي، جيڪو امير آهي، ان کي به 100 سيڪڙو مِليو ۽ جيڪو غريب آهي، ان کي به 100 سيڪڙو ئي مِليو، البته هر هڪ جي قابليت جُدا آهي، هر هڪ جي طاقت جُدا آهي، جيڪڏهن غريب کي 150 سيڪڙو ڏئي ان کي امير ڪيو وڃي يا امير کي 50 سيڪڙو ڏئي غريب ڪيو وڃي ته ٻئي پنهنجو توازُن وڃائي ويھن ھا، ٻئي اَن بيلنس ٿي وڃن ھا پر قربان وڃجي! الله سمورن جھانن جو رَبُّ  آهي، اُن هر هڪ کي 100 سيڪڙو ئي عطا فرمايو ۽ جنهن کي جيڪو ڪجھ عطا فرمايو، ان جي حق ۾ اهو ئي ڪمال آهي۔

حديثِ قدسي ۾ آهي، الله پاڪ فرمائي ٿو: منهنجا ڪجھ ٻانها اهي ئي آهن جن جي حق ۾ غُربت ئي بهتر آهي، جيڪڏهن مان اُنهن کي امير بڻايا هان ته انهن جو حال بگڙجي