Book Name:ALLAH Pak Ki Raza Sab Say Bari Naimat Hai
کي اُنهن جي ڪم جي مطابق شڪل و صُورت به عطا فرمائي ۽ ٻُڌڻ جي صلاحيت کان به نوازيو، پوءِ ڪمال هي ته هر شيء جو هڪ خاص مقصد آهي، ۽ هڪ خاص ڪم آهي، ڪن ٻڌن ٿا، ڏسي نٿا سگھن، اک ڏسي ٿي، ٻڌي نٿي سگھي، اهڙي طرح ڪائنات جي هر شيء پنهنجي هڪ جُدا مقصد جي تحت، پنهنجي عليحده ڪم جي لاءِ بڻائي وئي آهي، هر شيء کي ان جي صلاحيت ۽ ڪم جي مطابق شڪل و صُورت به ڏني وئي آهي، اَسبَاب به مهيا ڪيا ويا آهن ۽ اُن اَسبَاب کي استعمال ڪرڻ جي هدايت به عطا فرمائي وئي آهي۔([1])
امام شَعراني رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه هن آيت جي وَضاحت ڪندي لکن ٿا: هي آيت تقاضا ڪري ٿي ته الله پاڪ پنهنجي حڪمتِ بالغه جي مطابق جنهن کي جيڪو عطا فرمايو آهي، اُن جي لاءِ ڪمال اهو ئي آهي * نبين کي نبوت عطا فرمائي اُنھن جي حق ۾ نبي هئڻ ڪمال آهي * وَلِين کي وِلايت عطا فرمائي اُنهن جي لاءِ وِلايت ڪمال آهي * عالمن کي عِلم عطا فرمايو، اُنهن جي لاءِ عِلم ڪمال آهي، مطلب جنهن کي جيڪو به عطا ٿيو، ان کي ڪمال ئي عطا ٿيو۔([2])
هن کي ايئن کڻي سمجھو ته الله پاڪ جي بارگاھ مان جنهن کي جيڪو به مِليو آهي، 100 فيصد ئي مِليو آهي، ڪنهن کي به گھٽ ناهي ڏنو ويو، ها! هر هڪ جو 100 فيصد اُن جي صلاحيت ۽ طاقت جي مطابق آهي۔ مثال طَور تي هڪ نَرسَري ڪلاس جو طالبِ عِلم آهي، ان کي نَرسَرِي ۾ 100 فيصد نمبر ڏنا وڃن ته هو ڪهڙي ڪلاس ۾ پهچندو؟ پَرَيپ ۾۔ اهڙي طرح هڪ B.A جو طالبِ عِلم