ALLAH Pak Ki Raza Sab Say Bari Naimat Hai

Book Name:ALLAH Pak Ki Raza Sab Say Bari Naimat Hai

اسان پُلصراط ناهي ڏٺو۔ ٻيهر ملائڪ پڇندا: ڇا توهان جهنم کي ڏٺو؟ هو چوندا: اسان ڪنهن شيء کي ناهي ڏٺو۔ تڏهن ملائڪ انهن کي چوندا: توهان ڪنهن جي امت مان آهيو؟ هو خوش بخت جنتي چوندا: اسان امام الانبيا، حضرت محمد مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا اُمّتي آهيون۔ ملائڪ چوندا: اسان توهان کي الله پاڪ جو قسم ڏيون ٿا، ٻڌايو دنيا ۾ توهان جا عمل ڪهڙا هئا؟ هو جواب ڏيندا: اسان جون 2 عادتون هيون، جن جي ڪري اسان الله پاڪ جي فضل و ڪرم کان هن رُتبي کي پهتا آهيون؛ (1): اسان تنهائي ۾ به الله پاڪ جي نافرماني کان حياء ڪندا هئاسين ۽ (2): اسان الله پاڪ جي عطا ڪيل ٿوري رِزق تي راضي رهندا هئاسين۔([1])

الله اڪبر! پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اندازو ڪريو! قيامت جو 50 هزار سالن جو ڏينهن، ماڻهو قبرن مان اُٿي ميدانِ محشر جو رُخ ڪندا، افسوس! اها ٽهڪندڙ ٽامي جي زمين، سوا ميل تي رهي باھ وسائيندڙ سج، انتها جي گرمي، پوءِ اَعمالنامو هٿن ۾ ڏنو وڃڻ، حساب ڪتاب جو معاملو، وري پُلصراط تان گذرڻ جو مرحلو، پُلصراط به ڪهڙو؟ وار کان سنهو، تلوار جي ڌار کان تيز، 1500 سال جي راھ، هوڏانهن ماڻهو اهڙي هولناڪ تڪليفن ۾ مبتلا هوندا ۽ هيڏانهن الله پاڪ جي رِضا ۾ راضِي رهڻ وارا، تنهائي ۾ به رَبِّ ڪريم جي نافرماني کان بچڻ وارا قبرن ئي مان اُڏامي جنّت ۾ پهچي ويندا، نه ميدانِ محشر جي گرمي ڏسندا، نه حساب ڪتاب، نه پُل صراط...!! سُبحٰنَ الله! اندازو لڳايو! هي ڪيترا خوش نصيب هوندا۔ ڪاش! اسان به اهڙا ٿيون،


 

 



[1]... قوت القلوب، شرح مقام التوکل و وصف احوال المتوکلین، جلد:2، صفحہ:65۔