Book Name:Shoq e Hajj
خانهءِ ڪعبه جو دروازو پڪڙيل هوندو هو، جڏهن اهو تَلبِيه (يعني لَبَّيْك اَللّٰھُمَّ لَبَّيْك) چوندو هو ته غيب مان آواز ايندو هو: لَا لَبَّيْك (يعني تنهنجو لَبَيۡڪ چوڻ قبول ناهي)، حضرت مالڪ بن دينار رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: 14 هين سال مون ان شخص کان پڇيو: اي درويش! تون ٻوڙو ته ناهين؟ ڇا توکي ٻڌڻ ۾ نه ٿو اچي؟ ته لَا لَبَّيْك جو آواز اچي رهيو آهي. ان شخص بهايت عشقَ ڀريو جواب ڏنو، چيائين: اي شيخ! مان قسم کڻي ڪري چوان ٿو جيڪڏهن 14 سالن جي بدران منهنجي عمر 14 هزار سال هجي ۽ سال ۾ 1 ڀيري بدران، روزانو 1 هزار ڀيرا مونکي لَا لَبَّيْك چيو وڃي، پوءِ به مان هن دروازي کي ڇڏي ڪري ڪاٿي نه ٿو وڃي سگهان، مان هن دروازي تي پيو هوندُس ڪڏهن هن دروازي تان مٿو نه کڻندُس.
کس کے در پر میں جاؤں گا مولا گر تُو ناراض ہوگیا یَا رَبّ!
حضرت امام مالڪ بن دينار رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: اڃان مان ان شخص سان ڳالهائي رهيو هئس ته اوچتو آسمان مان هڪ ڪاغذ جو ٽڪرو ان درويش جي سيني تي ڪريو پر ان اهو ڪاغذ مون ڏي وڌايو. مون پڙهيو، ان ۾ لکيل هو: اي مالڪ بن دينار! تون منهنجي ٻانهي کي مون کان پَري ڪرين ٿو، تون سمجهين ٿو ته مون سندس 14 سالن جا حج قبول (Accept) ناهن ڪيا؟ ايئن ناهي، بلڪه ان مُدت ۾ اچڻ وارن حاجين جا حج به هن جي پڪارڻ جي ئي برڪت سان قبول ٿيا آهن. ([1])
یَا اللہُ یَا رَحْمٰنُ یَا حنّانُ یَا مَنّانُ
بخش دے بخشے ہوؤں کا صدقہ یا اللّٰہ مِری جھولی بھر دے
اي عاشقانِ رسول! حج جا ڏينهن ويجها آهن *خوش نصيب ماڻهو جن کي حج جي سعادت جي خوشخبري (Good News) ملي چڪي آهي *اهي حج جي