Shoq e Hajj

Book Name:Shoq e Hajj

الله پاڪ طاقت ڏني آهي، مال ۽ دولت سان نوازيو آهي ته ان کي گهرجي ته نفل حج جي لاءِ وڃي بلڪه ممڪن هجي ته هر سال وڃي، بار بار وڃي، جنهن کي الله پاڪ توفيق ڏني آهي، اهي حج جي ڏهاڙن جو انتظار نه ڪن، عمري جي لاءِ هليا ويندا ڪن، حرم پاڪ جي فضائن ۾ ساھ کڻڻ به ڪا گهٽ سعادت ناهي.

ياد رکو! دين جي بنياد محبتِ الهي ۽ عشقِ رسول تي رکي وئي آهي اعلٰي حضرت فرمائن ٿا: اَ لَاۤ  لَا اِیْمَانَ  لِمَنْ لَّا مَحَبَّۃَ لَہٗ  ٻُڌو...! ان جو ڪو ايمان ناهي جنهن جي دل ۾ محبت جو چراغ ناهي ٻرندو، دين جو بنياد محبتِ الهي ۽ عشقِ رسول تي رکيو ويو آهي ۽ حج سڄو ئي عشق جو سفر آهي *ٻانهو حج ڪرڻ ويندو آهي ته بنا سبِيَل ڪپڙا (يعني احرام) پائي وٺندو آهي *ڪعبي شريف جي چؤ طرف چڪر لڳائيندو آهي *صفا ۽ مروه جي درميان ڊوڙندو آهي *منٰي ۾ وڃي ڪري قرباني ڪندو آهي *ميدانِ عرفات ۾ ترسندو آهي *مُزدلفه ۾ قيام ڪندو آهي *جمرات جي مقام تي شيطان کي پٿريون هڻندو آهي، هي اهي ڪم ناهن جيڪي عقل ۾ اچي سگهن، صرف ۽ صرف عشق ئي انهن ڪمن کي سمجهي سگهي ٿو، لهٰذا حج اوّل کان آخر تائين عشق ۽ محبت جو سفر آهي، هن سفر تي اهو ئي ويندو آهي، (جنهن کي) هن سفر جو شوق  تڙپائيندو آهي جنهن جي دل ۾ محبتِ الهي ۽ عشقِ رسول جا چراغ ٻري رهيا هجن بلڪه جنهن کي عشق ۽ محبت جي دولت نصيب ٿئي، اهي ته مٿي ڀر به وڃڻ کي غنيمت سمجهندا آهن.

اپاهج حاجيءَ جو ايمان افروز واقعو

حضرت شفيق بلخي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: مان مڪي پاڪ حج جي لاءِ وڃي رهيو هئس رستي ۾ هڪ شخص ڏٺم، (جيڪو) اپاهج آهي، هلڻ ڦرڻ کان معذور آهي، گوڏن ڀر مڪي شريف ڏانهن وڃي رهيو آهي مونکي تمام گهڻي حيرانگي ٿي