Book Name:Shoq e Hajj
عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوت اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ذيلي حلقن جي 12 ديني ڪمن ۾ خوب اڳتي وڌي ڪري حصو وٺو اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دين ۽ دنيا جون بي شمار برڪتون نصيب ٿينديون. ذيلي حلقن جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم مدني قافلو پڻ آهي.
مديني جي سفر جي سعادت ملي وئي!
شيخوپوره (پنجاب، پاڪستان) جي هڪ اسلامي ڀاءُ جي تحرير جو خلاصو آهي: الحمد لله! مونکي عمرو ڪرڻ جو شرف مليو، اتي قصور (پنجاب، پاڪستان) جي هڪ قاري صاحب سان ملاقات ٿي، انهن ٻڌايو مون دعوتِ اسلامي جي عاشقانِ رسول سان گڏ ٽن ڏينهن جي مدني قافلي ۾ سفر جي سعادت حاصل ڪئي ۽ اتي خوب روئي روئي ڪري مديني پاڪ جي حاضري جي لاءِ دعا گهري.
دعا جي قبوليت جا آثار ھيئن ظاهر ٿيا ته جڏهن قافلي کان واپس آيس ۽ معمول جي مطابق ٻارن کي قرآنِ پاڪ پڙهائڻ جي لاءِ ڪنهن جي گهر پهتس. ته گهر جو مالڪ تمام گهڻو مهربانيءَ سان پيش آيو ۽ چيو: قاري صاحب! مَا شَاءَ اللّٰہ! توهان اسان جي ٻارن کي قرآنِ پاڪ جي تعليم ڏيو ٿا، جيڪڏهن توهان جي ڪا خواهش هجي ته ٻڌايو، شروع ۾ مون بهانا ڪري ٽاري ڇڏيو پرانهن جي اصرار تي چيم ته مديني جي ديدار جي آرزو آهي. انهن مونکي فوراً اخراجات پيش ڪيا ۽ ايئن الحمد لله مدني قافلي ۾ دعا ڪرڻ جي برڪت سان مون جهڙي گنھگار ۽ غريب ماڻهوءَ کي مديني پاڪ جي حاضريءَ جو شرف نصيب ٿي ويو.
مانگو آ کر دُعا پاؤ گے مُدَّعا در کرم کے کھلیں قافلے میں چلو
گر مدینے کا غم چاہیئے چشمِ نَم لینے یہ نعمتیں قافِلے میں چلو
صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب! صَلَّى اللّٰه ُ عَلٰى مُحَمَّد