Shoq e Hajj

Book Name:Shoq e Hajj

کي وڪوڙڻ، فاصلي کي گھٽ ڪري ڇڏڻ) چوندا آهن ۽ طَئُي الۡارض جو ثبوت ته قرآنِ ڪريم ۾ به آهي. جي ها! حضرتِ سليمان عَلَيهِ السَّلَام جو هڪ امّتيءَ حضرت آصف بن برخيا رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه پاڻ به الله پاڪ جو ڪامل ولي هو. حضرت سليمان عَلَيهِ السَّلَام جو دربار لڳل هيو، حضرت سليمان عَلَيهِ السَّلَام فرمايو: ڪير آهي جيڪو مَلِڪه بلقيس جو تخت مون وٽ کڻي اچي؟ حضرت آصف بن برخيا رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه عرض ڪيو:

اَنَا اٰتِیْكَ بِهٖ قَبْلَ اَنْ یَّرْتَدَّ اِلَیْكَ طَرْفُكَؕ-  (سيپارو:19، سورة نمل: 40)

ترجمو ڪنز العرفان: مان ان کي اوهان جي بارگاھ ۾ اوهان جي اک ڇنڀ کان اڳ ۾ کڻي ايندس

يعني الله پاڪ جا نبي عَلَيهِ السَّلَام مان اکيون ڇنڀڻ کان پهريان ملِڪه بلقيس جو تخت توهان جي خدمت ۾ حاضر ڪري ڇڏيندُس.

سُبۡحان الله! پوءِ ايئن ئي ٿيو، ملِڪه بلقيس جو تخت مُلڪِ يمن ۾، 7 ڪمرن ۾ بند هو، تالا لڳل هئا، حضرت آصف بن برخيا رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه الله پاڪ جي عطا ڪيل طاقت جي ذريعي ڪرامت طور اک ڇنڀڻ جي دير ۾ ملڪه بلقيس جو تخت يمن ملڪ کان حضرت سليمان عَلَيهِ السَّلَام جي خدمت ۾ حاضر ڪري ڇڏيائون. خبر پئي،: الله پاڪ جي ولين جي لاءِ زمين سُوڙهي ٿي ويندي آهي، فاصلا گهٽ ڪيا ويندا آهن، لهٰذا ان معاملي ۾ وسوسا پيدا ڪرڻ کان بچڻ گهرجي. الله پاڪ اسان سڀني کي مڃڻ وارو عقل نصيب فرمائي.

عقل کو تنقید سے فرصت نہیں        عشق پر اعمال کی بنیاد رکھ

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب!                        صَلَّى اللّٰه ُ عَلٰى مُحَمَّد

حج جي شوقين جو ڪم بڻجي ويو

امام ابنِ جوزي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: هڪ عاشقِ رسول هو، ان کي حج تي وڃڻ